Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:23 - Sindhi Bible

23 سو جنهن ملڪ جي بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، سو اهي اصل ڪين ڏسندا. نڪي جن مون کي ڪاوڙايو آهي، تن مان ڪو اهو ڏسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 سو جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو مون انهن جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو، سو اهي هرگز نہ ڏسندا. نڪي انهن مان ڪو اهو ملڪ ڏسندو جن منهنجي توهين ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن جو اولاد بہ تو آسمان جي تارن جيترو وڌايو، ۽ هنن کي اُنهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي نسبت ۾ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي چيو تہ وڃي اُهو پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.


تنهن ڪري هن انهن بابت قسم کڻي چيو تہ، آءٌ هن کي بيابان ۾ ڪيرائي چٽ ڪندس:


سو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ اهي منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.


انهي وقت جي اُها قوم منهنجي ڏسندي ڪا بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي، تہ پوءِ جنهن چڱائيءَ جي وسيلي فائدي پهچائڻ لاءِ کين چيو هوم تنهن کان آءٌ ڦرندس.


۽ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني هئي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پي وهي، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر آهي، تنهن ۾ هنن کي نہ آڻيان:


پر سينا جي بيابان ۾ جن اسرائيلين جو موسيٰ ۽ هارون ڪاهن شمار ڪيو هو، تن مان هڪڙو ماڻهو بہ هنن ۾ ڪونہ هو.


ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


جيڪي ماڻهو مصر مان نڪري آيا آهن، تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هوندي، اهو ملڪ ڪين ڏسندو، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو؛ ڇالاءِ جو انهن منهنجي پوري تابعداري نہ ڪئي آهي:


ڏسو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي: اوهين وڃي انهي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو، جنهن بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو، تہ هو اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندو.


ڇالاءِ جو اسان جن ايمان آندو، سي انهي آرام ۾ داخل ٿا ٿيون. جيئن ڪ هن چيو آهي، تہ ”مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ قسم کنيو هو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا،“ جيتوڻيڪ جهان جي بنياد کان ئي هن جا ڪم پورا ٿيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ