1 تڏهن ساري جماعت رڙيون ڪري روئڻ لڳي؛ ۽ ساري رات ماڻهن پئي رنو.
1 انهيءَ رات سڄيءَ قوم جا ماڻهو رڙيون ڪري روئندا رهيا.
۽ پنهنجي تنبن ۾ ويهي ڪرڪر ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو آواز نہ ٻڌائون.
تنهن هوندي بہ وري انهن گناهہ ڪيو، ۽ هن جي عجيب ڪمن تي ايمان نہ آندائون.
پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن جيتوڻيڪ فلستين جو ملڪ ويجهو هو، پر تڏهن بہ خدا کين انهيءَ رستي کان وٺي نہ ويو؛ ڇالاءِ جو خدا چيو تہ متان هي ماڻهو جنگ ڏسي پشيمان ٿين، ۽ موٽي مصر ڏانهن وڃن.
جڏهن ماڻهن اها خراب خبر ٻڌي، تڏهن ڏاڍا غمگين ٿيا؛ ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پنهنجا زيور نہ پاتا.
۽ آشر جي قبيلي مان، ميڪائيل جو پٽ ستور.
۽ اسان اتي راڪاس ڏٺا، يعني عناق جو اولاد، جي راڪاسن جي نسل مان آهن، ۽ اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين، ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.
۽ بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون تي ڪُرڪڻ لڳا، ۽ ساريءَ جماعت انهن کي چيو تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو، يا هن بيابان ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو!
انهي هوندي بہ اوهين اوڏانهن نہ ويا، پر اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو:
پوءِ اوهين موٽي آيا ۽ خداوند جي حضور ۾ روئڻ لڳا؛ پر خداوند اوهان جو آواز نہ ٻڌو، نڪي اوهان ڏانهن ڪن ڏنائين.
۽ جڏهن خداوند اوهان کي قادس برنيع کان روانو ڪيو، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ملڪ تي قبضو ڪريو جو مون اوهان کي ڏنو آهي: تڏهن اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ اوهان هن تي ايمان نہ آندو، نڪي هن جو چوڻ ٻڌو.
انهيءَ هوندي بہ منهنجا ڀائر، جي مون سان هليا هئا، تن ماڻهن جون دليون پگهاري ڇڏيون؛ پر مون خداوند پنهنجي خدا جي پوري پيروي ڪئي.
تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن ايترو زور سان رُنو جو وڌيڪ روئڻ جي طاقت نہ رهين.