8 ۽ افرائيم جي قبيلي مان، نون جو پٽ هوسيع.
8 يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جو اڳواڻ هوشيع ولد نون،
انهيءَ جو پٽ نون، انهيءَ جو پٽ يهوسوع.
تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اُٿيا، ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهي ويو.
۽ ماڻهن جيڪي رڙيون پئي ڪيون، سي جڏهن يشوع ٻڌيون، تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ منزلگاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي.
تنهن تي نون جو پٽ يشوع، جو موسيٰ جو خادم هو، ۽ چونڊيل ماڻهن مان هڪڙو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اي منهنجا سائين موسيٰ، انهن کي منع ڪر.
اهي آهن انهن ماڻهن جا نالا، جن کي موسيٰ انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ موسيٰ نون جي پٽ هوسيع کي يشوع ڪري سڏيو.
۽ اشڪار جي قبيلي مان، يوسف جو پٽ اجال.
۽ بنيمين جي قبيلي مان، رفوءَ جو پٽ فلتي.
پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجها آيا آهن: سو تون يشوع کي سڏ ۽ اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي حڪم ڏيان. تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي جماعت واري تنبوءَ ۾ حاضر ٿيا.
۽ هن نون جي پٽ يشوع کي نصيحت ڪئي، ۽ چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿي؛ ڇالاءِ جو تون بني اسرائيل کي انهي ملڪ ۾ آڻيندين جنهن بابت مون ساڻن قسم کنيو هو: ۽ آءٌ توسان هوندس.
پوءِ موسيٰ آيو، ۽ هن، ۽ نون جي پٽ يشوع، هن گيت جا لفظ ماڻهن کي چئي ٻڌايا.
۽ نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو؛ ڇالاءِ جو موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا: ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو تنهن موجب بني اسرائيل هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا.
تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪو بہ حڪم تو اسان کي ڏنو آهي سو اسين بجا آڻينداسين، ۽ جيڏانهن تون اسان کي موڪليندين اوڏانهن اسين وينداسين.
خداوند جي حڪم موجب هنن هن کي اُهو شهر ڏنو جو هن گهريو هو، يعني تمنٿ سرح، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آهي: ۽ هن اُهو شهر ٻڌو، ۽ انهي ۾ رهڻ لڳو.