6 ۽ يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.
6 يهوداہ قبيلي جو اڳواڻ ڪالب ولد يفنہ،
۽ ڪالب بن يفنہ جا پٽ؛ عيرو، ايلا ۽ نعم: ۽ ايلا جا پٽ؛ قنز.
پوءِ ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسين انهي تي پوريءَ طرح غالب پونداسين.
۽ شمعون جي قبيلي مان، حوريءَ جو پٽ سافط.
۽ اشڪار جي قبيلي مان، يوسف جو پٽ اجال.
پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جي طبيعت ٻئي قسم جي آهي، ۽ جنهن پوريءَ طرح منهنجي پيروي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ انهي ملڪ ۾ وٺي ويندس، جنهن ۾ هو ويو هو، ۽ اهو ملڪ انهي جي اولاد جي قبضي ۾ ايندو.
۽ جنهن ملڪ بابت مون پنهنجو هٿ کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اتي رهائيندس، تنهن ۾ يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو اوهان مان ڪوبہ ڪونہ پهچندو.
پر نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، انهن ماڻهن مان جيڪي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، جيئرا رهيا.
۽ نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جي انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا:
ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.
۽ انهن ماڻهن جا نالا هي آهن: يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.