Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 13:33 - Sindhi Bible

33 ۽ اسان اتي راڪاس ڏٺا، يعني عناق جو اولاد، جي راڪاسن جي نسل مان آهن، ۽ اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين، ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 اسان اتي راڪاس بہ ڏٺا جيڪي عناق جو اولاد هئا. اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 13:33
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تن ڏينهن ۾ زمين تي راڪاس هئا، پوءِ جڏهن خدا جا پٽ ماڻهن جي ڌيئرن وٽ ويا، تڏهن انهن مان اولاد پيدا ٿيو، اهي ئي قديم زماني جا ناليرا پهلوان آهن.


هن هڪڙو مصري شخص ڪُٺو، جو تمام وڏي قد جو هو، يعني پنج هٿ ڊگهو هو؛ ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هڪڙو نيزو هو؛ ۽ هو انهيءَ تي هڪڙي لٺ کڻي ڪاهي ويو ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ مان نيزو ڦري ورتائين، ۽ انهيءَ جي نيزي سان انهيءَ کي ڪُٺائين.


هي اهو ئي آهي جو زمين جي دائري تي ويٺو آهي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو تڏين وانگي آهن؛ هو آسمان کي پردي وانگي تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگي انهن کي پکيڙي ٿو،


۽ هو ڏکڻ جي طرف کان مٿي چڙهيا، ۽ حبرون ۾ آيا؛ جتي عناق جو اولاد، اخيمان، ۽ سيسي، ۽ تلمي رهندا هئا، (هاڻي حبرون، مصر جي شهر ضعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.)


پر جيڪي ماڻهو انهي ملڪ ۾ رهن ٿا، سي ڏاڍا زوراور آهن، ۽ اتي جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن: ۽ اسان اُتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.


تڏهن ساري جماعت رڙيون ڪري روئڻ لڳي؛ ۽ ساري رات ماڻهن پئي رنو.


هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو.


(اتي پهرين اميم رهندا هئا، جي عناقيم وانگر وڏا، ۽ گهڻا ۽ قداور هئا:


(ڇالاءِ جو رفائيم جي نسل منجهان فقط بسن جو بادشاهہ عوج وڃي بچيو هو: ۽ ڏس، هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو؛ ۽ اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ موجود نہ آهي ڇا؟ انهي جي ڊيگهہ، ماڻهوءَ جي هٿن جيڏا نوَ هٿ، ۽ انهي جي ويڪر چار هٿ هئي.)


اتي ماڻهو ڊگها ۽ زوراور آهن، ۽ عناقيم جو اولاد آهن، توکي انهن جي خبر آهي، ۽ انهن بابت ٻڌو اٿيئي تہ ڪير بني عناق جو مقابلو ڪري سگهندو؟


۽ انهي وقت يشوع آيو ۽ عناقيم کي ڪوهستان مان، ۽ حبرون مان، ۽ دبير مان، ۽ عناب مان، ۽ يهوداہ جي ۽ اسرائيل جي جابلو ملڪ مان، ناس ڪري ڇڏيو: يشوع انهن سڀني کي سندن شهرن سميت صفا ناس ڪري ڇڏيو.


تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جبل ڏي جنهن بابت خداوند انهيءَ ڏينهن ذڪر ڪيو هو؛ ڇالاءِ جو انهي ڏينهن تو ٻڌو تہ عناقيم اُتي رهن ٿا، ۽ اُتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن: جيڪڏهن خداوند مون سان ٿيندو تہ پوءِ آءٌ انهي کي هڪالي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.


۽ ڪالب عناق جا ٽي پٽ، سيسي ۽ اخيمان ۽ تلمي، جي بني عناق هئا، تن کي اُتان هڪالي ڪڍيو.


۽ جڏهن اسرائيلين اُهو ماڻهو ڏٺو تڏهن سڀئي کانئس ڀڄي پري ٿيا ۽ ڏاڍا ڊنا.


۽ جڏهن انهي فلستيءَ هيڏي هوڏي نهاريو، ۽ دائود کي ڏٺائين تڏهن هن کي حقير ڄاتائين: ڇالاءِ جو هو اڃا ڇوڪر هو، ۽ ڳاڙهيرو ۽ خوبصورت هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ