Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 13:30 - Sindhi Bible

30 پوءِ ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسين انهي تي پوريءَ طرح غالب پونداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تڏهن ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان ۾ ايتري سگھہ آهي جو اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگھون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 13:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيندو.


انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.


پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا، تن چيو تہ اسين انهن ماڻهن تي حملي ڪرڻ لاءِ وڃي نٿا سگهون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ زور وارا آهن.


پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جي طبيعت ٻئي قسم جي آهي، ۽ جنهن پوريءَ طرح منهنجي پيروي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ انهي ملڪ ۾ وٺي ويندس، جنهن ۾ هو ويو هو، ۽ اهو ملڪ انهي جي اولاد جي قبضي ۾ ايندو.


۽ انهن ماڻهن جا نالا هي آهن: يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون.


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ