Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 13:28 - Sindhi Bible

28 پر جيڪي ماڻهو انهي ملڪ ۾ رهن ٿا، سي ڏاڍا زوراور آهن، ۽ اتي جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن: ۽ اسان اُتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 پر جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا سي ڏاڍا زورآور آهن ۽ انهن جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن. اسان اتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 13:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اشبي بنوب، جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ جنهن جي نيزي جي تور پتل جا ٽي سؤ شيڪل هئي، ۽ هڪڙي نئين ترار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو.


۽ اسان اتي راڪاس ڏٺا، يعني عناق جو اولاد، جي راڪاسن جي نسل مان آهن، ۽ اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين، ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.


هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو.


اهي بہ عناقيم وانگر وڏا، ۽ گهڻا، ۽ قداور هئا؛ پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو؛ ۽ هو انهن کي ڀڄائي، پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا:


اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا، ۽ انهن کي اُوچيون ڀتيون، ۽ دروازا، ۽ گز هئا؛ انهن کان سواءِ ڪيترائي بنا ڪوٽ شهر بہ اسان هٿ ڪيا.


عناقيم مان ڪوبہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ نہ ڇڏيائون: فقط غزہ ۾، ۽ جات ۾، ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.


تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جبل ڏي جنهن بابت خداوند انهيءَ ڏينهن ذڪر ڪيو هو؛ ڇالاءِ جو انهي ڏينهن تو ٻڌو تہ عناقيم اُتي رهن ٿا، ۽ اُتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن: جيڪڏهن خداوند مون سان ٿيندو تہ پوءِ آءٌ انهي کي هڪالي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.


۽ ڪالب عناق جا ٽي پٽ، سيسي ۽ اخيمان ۽ تلمي، جي بني عناق هئا، تن کي اُتان هڪالي ڪڍيو.


۽ هنن حبرون ڪالب کي ڏنو، جيئن موسيٰ چيو هو: ۽ هن اُتان عناق جا ٽي پٽ هڪالي ڪڍي ڇڏيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ