Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 13:27 - Sindhi Bible

27 ۽ چيائونس تہ جنهن ملڪ ۾ تو اسان کي موڪليو هو، انهي ۾ اسين وياسين، ۽ سچ پچ انهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ هي انهي جو ميوو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 انهن موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن ملڪ ۾ توهان اسان کي اتي جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، انهيءَ ۾ اسين وياسين. سچ پچ تہ اهو ملڪ تمام آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ هي انهيءَ جو ميوو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 13:27
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا.


۽ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻي، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو اوهان کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي ٿي وهي، تڏهن تون انهيءَ مهيني ۾ اها عبادت ياد رکج.


۽ مون چيو آهي تہ اوهان کي مصر جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


تون انهي ملڪ ۾ چڙهي وڃ، جتي کير ۽ ماکي پيئي وهي: پر آءٌ اوهان سان گڏ ڪين هلندس، ڇالاءِ جو اوهين ضدي ماڻهو آهيو، ۽ ائين نہ ٿئي جو آءٌ رستي ۾ اوهان کي تباهہ ڪري ڇڏيان.


انهي لاءِ تہ جيڪو قسم مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو آهي سو قائم ڪريان، ۽ انهن کي اها زمين ڏيان جنهن ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي، جيئن ڪ اڄ آهي، تڏهن مون ورندي ڏئي چيو، تہ اي خداوند، آمين.


۽ انهن کي هيءَ زمين ڏني، جنهن جي ڏيڻ لاءِ تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي؛


۽ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني هئي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پي وهي، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر آهي، تنهن ۾ هنن کي نہ آڻيان:


تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.


پر مون اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين انهن جي زمين جا وارث ٿيندا، ۽ آءٌ اها اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيندس، جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


۽ انهن بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چيو تہ جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين انهي مان لنگهياسين، سو نهايت چڱو ملڪ آهي.


جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو.


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟


تنهن کان سواءِ تو اسان کي انهي ملڪ ۾ بہ نہ پهچايو آهي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي؛ تون هنن ماڻهن جون اکيون ڪڍي وٺندين ڇا؟ اسين ڪين اينداسين.


۽ جنهن ملڪ جي بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تہ انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، تنهن ۾ اوهان جي عمر وڏي ٿئي.


۽ انهي اسان کي هن هنڌ آندو آهي، ۽ اسان کي هي ملڪ ڏنو اٿس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


پار وڃڻ کان پوءِ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون انهن تي لکج؛ انهي لاءِ تہ تون انهي ملڪ ۾ وڃي داخل ٿين، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا توسان واعدو ڪيو آهي.


ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا.


تنهن ڪري اي اسرائيليو، ٻڌو، ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهي ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ پئي رليا، جيستائين ڪ سڄي قوم، يعني سڀ جنگي مرد جي مصر مان نڪتا هئا، سي مري کپي ويا، ڇو جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: ۽ انهن سان خداوند قسم کنيو هو، تہ جنهن ملڪ جي کين ڏيڻ جو خداوند انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، سا هنن کي نہ ڏيکاريندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ