پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:
ڇالاءِ تہ جڏهن هو اسڪال جي ماٿريءَ تائين ويا، ۽ انهي ملڪ کي ڏٺائون، تڏهن بني اسرائيل جي دل ڀڃي ڇڏيائون، تہ جيڪو ملڪ خداوند انهن کي ڏنو آهي تنهن ۾ نہ وڃن.
جڏهن خداوند جي ٻانهي موسيٰ مون کي قادس برنيع مان انهيءَ ملڪ جي جاسوسي لاءِ موڪليو هو، تڏهن آءٌ چاليهن سالن جي عمر جو هوس؛ ۽ مون موٽي اچي هن کي اُها خبر ڏني جا منهنجي دل ۾ هئي.