Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 13:23 - Sindhi Bible

23 پوءِ هو اسڪال جي ماٿري ۾ آيا، ۽ اتان هڪڙي ڊاک جي ٽاري، ڇڳي سميت وڍيائون، ۽ اها لٺ ۾ وجهي ٻہ ڄڻا کڻي هليا، ۽ ڪي ڏاڙهون ۽ انجير بہ کنيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پوءِ هو هڪڙي برساتي نهر وٽ آيا ۽ اتان انگورن جي هڪڙي ٽاري وڍيائون، جنهن ۾ انگورن جو هڪڙو ئي ڇڳو هو. اها ٽاري لٺ ۾ وجھي ٻہ ڄڻا کڻي هليا. هنن ڪجھہ ڏاڙهون ۽ انجير بہ پاڻ سان کنيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 13:23
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هڪڙو ماڻهو جنهن ڀڄي جند ڇڏائي هئي، تنهن اچي ابرام عبرانيءَ کي خبر ڏني، جو انهيءَ وقت اسڪال ۽ عانير جي ڀاءُ، ممري اموريءَ جي بلوطن جي وڻن وٽ رهندو هو؛ ۽ هنن جو ابرام سان عهدنامو ڪيل هو.


انهي هنڌ جو نالو اسڪال جي ماٿري رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتان اهو ڇڳو وڍيو هو.


ڇالاءِ تہ جڏهن هو اسڪال جي ماٿريءَ تائين ويا، ۽ انهي ملڪ کي ڏٺائون، تڏهن بني اسرائيل جي دل ڀڃي ڇڏيائون، تہ جيڪو ملڪ خداوند انهن کي ڏنو آهي تنهن ۾ نہ وڃن.


جنهن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ جوَ، ۽ انگور، ۽ انجير، ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ ٿا ٿين؛ جنهن ۾ تيل وارا زيتون ۽ ماکي ٿي ٿئي؛


۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ سورق جي واديءَ ۾، هڪڙي زال تي هو عاشق ٿيو جنهن جو نالو دليلہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ