Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 13:22 - Sindhi Bible

22 ۽ هو ڏکڻ جي طرف کان مٿي چڙهيا، ۽ حبرون ۾ آيا؛ جتي عناق جو اولاد، اخيمان، ۽ سيسي، ۽ تلمي رهندا هئا، (هاڻي حبرون، مصر جي شهر ضعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پهريائين هو ملڪ جي ڏاکڻي پاسي کان ٿيندا حبرون ۾ آيا جتي عناق جو اولاد يعني احيمن، شيشي ۽ تلمي رهندا هئا. حبرون، مصر جي شهر صعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 13:22
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرام پنهنجو تنبو کڻي اچي ممريءَ جي شاهہ بلوط وٽ رهيو، جو حبرون ۾ آهي، ۽ اتي، خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين.


۽ سارہ ڪنعان جي ملڪ ۾ قريت اربع، يعني حبرون ۾ وفات ڪئي ۽ ابرهام سارہ جي لاءِ ماتم ڪيو ۽ رنو.


انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي.


۽ حبرون ۾ يهوداہ جي گهراڻي تي دائود جي بادشاهي ڪرڻ جو عرصو ست ورهيہ ۽ ڇهہ مهينا هو.


۽ اشبي بنوب، جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ جنهن جي نيزي جي تور پتل جا ٽي سؤ شيڪل هئي، ۽ هڪڙي نئين ترار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو.


هن مصر جي ملڪ ۾ ضعن جي علائقي ۾ سندن ابن ڏاڏن جي روبرو عجيب ڪم ڪيا.


تہ ڪيئن هن مصر ۾ پنهنجا نشان ڏيکاريا، ۽ ضعن جي علائقي ۾ عجيب ڪم ڪيائين؛


ضعن جا شهزادا بلڪل بي عقل آهن؛ فرعون جي تمام ڏاهن جي صلاح حماقت آهي: فرعون کي اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ آءٌ ڏاهن جو پٽ ۽ شاهاڻي نسل مان آهيان؟


ضعن جا شهزادا بيوقوف ٿي پيا آهن، نوف جا شهزادا ٺڳجي ويا آهن؛ جيڪي مصر جا ڪنڊ وارا بنيادي پٿر آهن، تن ان کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي.


ڇالاءِ جو هن جا سردار ضعن ۾ آهن، ۽ هن جا ايلچي حنيس ۾ آيا آهن.


۽ موسيٰ انهن کي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين ڏکڻ واري رستي ڏانهن وڃو، ۽ جبلن تي وڃي چڙهو،


پر جيڪي ماڻهو انهي ملڪ ۾ رهن ٿا، سي ڏاڍا زوراور آهن، ۽ اتي جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن: ۽ اسان اُتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.


۽ اسان اتي راڪاس ڏٺا، يعني عناق جو اولاد، جي راڪاسن جي نسل مان آهن، ۽ اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين، ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.


اتي ماڻهو ڊگها ۽ زوراور آهن، ۽ عناقيم جو اولاد آهن، توکي انهن جي خبر آهي، ۽ انهن بابت ٻڌو اٿيئي تہ ڪير بني عناق جو مقابلو ڪري سگهندو؟


پوءِ يشوع عجلون مان ڪوچ ڪري، سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي، حبرون ۾ آيو؛ ۽ هو انهيءَ سان وڙهيا:


۽ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن حبرون سندس ٻهراڙين سوڌو ڏنو، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ لبناہ بہ سندس ٻهراڙين سميت؛


۽ يهوداہ انهن ڪنعانين تي بہ ڪاهي ويو جي حبرون ۾ رهندا هئا: (هاڻي حبرون جو نالو اڳي قريت اربع هو): ۽ هنن سيسي ۽ اخيمان، ۽ تلميءَ کي ماريو.


۽ جبرون ۾، ۽ اُنهن سڀني جاين ڏي جتي دائود پاڻ ۽ سندس ماڻهو اڪثر گهمندا ڦرندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ