Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 13:20 - Sindhi Bible

20 ۽ اها زمين ڪهڙي قسم جي آهي، ڀلي آهي يا ناقص آهي، انهي ۾ وڻ آهن يا نہ. اوهين همت وارا ٿيو ۽ انهيءَ زمين جي ميون مان ڪجهہ کڻي اچجو. انهي وقت ڊاک جي پهرئين ڦل پچڻ جي موسم هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 معلوم ڪريو تہ اها زمين ڪهڙي قسم جي آهي، ڀلي آهي يا ناقص، منجھس وڻ آهن يا نہ.“ جيئن تہ انهيءَ وقت انگورن جي پچڻ جي مند هئي، سو موسيٰ چين تہ ”اوهين همت ڪري انهيءَ ملڪ جي ميون مان ڪجھہ کڻي اچجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 13:20
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي منهنجا پٽ، خداوند توساڻ هجي؛ ۽ توکي ڪامياب ڪري، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ گهر ٺاهج، جيئن هن تنهنجي نسبت ۾ فرمايو آهي.


۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجيءَ بادشاهت ۾، ۽ جيڪو وڏو احسان تو هنن سان ڪيو، ۽ جا وڏي ۽ پيدائش واري زمين تو هنن کي ڏني، تنهن هوندي بہ هنن تنهنجي عبادت نہ ڪئي، ۽ نہ هو پنهنجن بڇڙن ڪمن کان باز آيا.


آءٌ هنن کي چڱو چارو چاريندس، ۽ انهن جو واڙو اسرائيل جي مٿانهن جبلن تي ٿيندو: اُتي هو هڪڙي چڱي واڙي ۾ آرام ڪنديون ۽ اسرائيل جي جبلن تي عمدو چارو چرنديون.


صلح ۽ سلامتيءَ جي وقت هو پرڳڻي جي تمام آباد جاين تي ايندو؛ ۽ هو اُهي ڪم ڪندو، جي هن جي ابن ڏاڏن يا پڙڏاڏن بہ نہ ڪيا هوندا؛ هو انهن ۾ لٽ ۽ ڦر جو مال ۽ ٻيو مال متاع ورهائيندو: هائو، ڪجهہ عرصي تائين هو مضبوط قلعن وٺڻ لاءِ پنهنجون رٿون رٿيندو.


مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي.


۽ جتي هو رهن ٿا، سو ملڪ ڪهڙو آهي، چڱو آهي يا خراب آهي؛ ۽ جن شهرن ۾ هو رهن ٿا، سي ڪهڙا آهن؛ اهي ماڻهو تنبن ۾ ٿا گذارين يا مضبوط ڪوٽن ۾؛


پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ جبل تي چڙهي، وڃي اسڪال جي ماٿريءَ ۾ پهتا، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪيائون.


۽ هنن انهي ملڪ جي ميون مان ڪجهہ کڻي اسان وٽ آندو، ۽ موٽي اچي اسان کي خبر ڏنائون، تہ جيڪو ملڪ خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏئي ٿو، سو چڱو آهي.


۽ هن نون جي پٽ يشوع کي نصيحت ڪئي، ۽ چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿي؛ ڇالاءِ جو تون بني اسرائيل کي انهي ملڪ ۾ آڻيندين جنهن بابت مون ساڻن قسم کنيو هو: ۽ آءٌ توسان هوندس.


تنهن ڪري اسين همت رکي چئي ٿا سگهون تہ ”خدا منهنجو مددگار آهي؛ آئون ڪين ڊڄندس؛ ماڻهو مون کي ڇا ڪندو؟“


مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين.


مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.


پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.


۽ يريحو جي بادشاهہ راحب کي ماڻهو موڪليو تہ جيڪي ماڻهو تو وٽ آيا آهن، ۽ تنهنجي گهر لٿا پيا آهن تن کي آڻي حاضر ڪر: ڇالاءِ جو هو هن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ آيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ