Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 13:17 - Sindhi Bible

17 ۽ موسيٰ انهن کي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين ڏکڻ واري رستي ڏانهن وڃو، ۽ جبلن تي وڃي چڙهو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 موسيٰ کين موڪلڻ وقت چيو تہ ”هتان کان اتر طرف وڃي ڪنعان ملڪ جي ڏاکڻي علائقي ۾ داخل ٿيو، جيڪو جابلو علائقو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 13:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتان اڳتي وڌي ڏکڻ ڏانهن ويو.


پوءِ ابرام پنهنجيءَ زال ۽ ملڪيت سوڌو مصر مان نڪري ڪنعان جي ڏکڻ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ لوط بہ ساڻس گڏ هو.


اٿي هن زمين جي ڊيگهہ ۽ ويڪر گهمي ڏس، ڇو تہ اِها آءٌ توکي ڏيندس.


هو ڏکڻ کان مسافري ڪندو بيت ايل ۾ آيو؛ انهيءَ هنڌ جتي شروعات ۾ بيت ايل ۽ عئي جي وچ ۾ سندس تنبو کُتل هو؛


هاڻي سديم جي ماٿريءَ ۾ رال جون ڪيتريون ئي کڏون هيون، ۽ سدوم ۽ عمورہ جا بادشاهہ ڀڄندا ڀڄندا وڃي اتي ڪِريا؛ ۽ باقي جيڪي بچيا سي جبل ڏانهن ڀڄي ويا.


۽ نهاري ڏسو تہ اهو ملڪ ڪهڙي قسم جو آهي؛ ۽ جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا، سي زور ڀريا آهن يا ضعيف آهن، ٿورا آهن يا گهڻا آهن؛


انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.


۽ اهي صبح جو سوير اُٿي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهيا، ۽ چوڻ لڳا تہ جيتوڻيڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، پر اِجهو اسين هتي آيا آهيون، ۽ اچو تہ انهي هنڌ ڏانهن هلون، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي.


۽ اموري، جي انهي جبل ۾ رهندا هئا، سي اوهان سان وڙهڻ لاءِ نڪري آيا، ۽ ائين اوهان جي پٺيان پيا جيئن ماکيءَ جون مکيون پونديون آهن، ۽ شعير ۾ اوهان کي ماري، حرمہ تائين ڀڄائي ڪڍيائون.


انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


۽ اها ڏکڻ ڏانهن عقربيم جي چاڙهيءَ ڏانهن هلي ويئي، ۽ لنگهي سڌي صين تائين ويئي، ۽ اُتان وري ڏکڻ واري پاسي قادس برنيع تائين چڙهي، پوءِ لنگهي حصرون ڏي ويئي، ۽ اُتان چڙهي ادار ڏانهن وڃي، قرقع ڏانهن ڦري:


پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.


هن کيس چيو تہ مون کي بخشش ڏي؛ ڇالاءِ جو تو مون کي ڏکڻ واري زمين ڏني آهي؛ مون کي پاڻيءَ جا چشما بہ ڏي. تڏهن ڪالب هن کي مٿيان توڙي هيٺيان چشما ڏنا.


۽ خداوند يهوداہ سان هو؛ ۽ هن انهيءَ ڪوهستان جا رهاڪو هڪالي ڪڍيا؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ واديءَ جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍي سگهيو، جو هنن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون.


تنهن کان پوءِ بني يهوداہ انهن ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي ويا، جي ڪوهستان ۾ ڏکڻ ڏانهن ماٿريءَ ۾ رهندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ