Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 13:16 - Sindhi Bible

16 اهي آهن انهن ماڻهن جا نالا، جن کي موسيٰ انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ موسيٰ نون جي پٽ هوسيع کي يشوع ڪري سڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اِهي آهن اُهي ماڻهو جن کي موسيٰ ملڪ ڪنعان جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. موسيٰ نون جي پٽ هوشيع جو نالو بدلائي يشوع رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 13:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جو پٽ نون، انهيءَ جو پٽ يهوسوع.


تڏهن موسيٰ يشوع کي چيو تہ اسان مان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍ، ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي بيهندس.


اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾، خداوند جو ڪلام هوسيع بن بيريءَ تي نازل ٿيو.


۽ جد جي قبيلي مان، ماڪيءَ جو پٽ جيو ايل.


تون ماڻهو موڪل تہ اهي وڃي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪن، جو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان: هرهڪ اباڻي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو، جو منجهن سردار هجي، تنهن کي موڪل.


۽ افرائيم جي قبيلي مان، نون جو پٽ هوسيع.


۽ جنهن ملڪ بابت مون پنهنجو هٿ کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اتي رهائيندس، تنهن ۾ يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو اوهان مان ڪوبہ ڪونہ پهچندو.


۽ نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جي انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا:


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ نون جي پٽ يشوع کي وٺي، انهي تي پنهنجو هٿ رک؛ ڇالاءِ جو هو روح سان ڀريل آهي؛


۽ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن انهن قومن جي ملڪيت وڃي هٿ ڪئي، جن کي خدا سندن اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تڏهن اهو تنبو جو کين مليو هو، سو يشوع سان گڏ کڻي آيا؛ ۽ اُهو دائود جي وقت تائين رهيو.


جيئن تہ هو هوسيع نبيءَ جي ڪتاب ۾ بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪا منهنجي اُمت نہ هئي، تنهن کي پنهنجي اُمت سڏيندس، ۽ جا پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“


پوءِ موسيٰ آيو، ۽ هن، ۽ نون جي پٽ يشوع، هن گيت جا لفظ ماڻهن کي چئي ٻڌايا.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن يشوع انهن کي آرام ۾ داخل ڪري ها، تہ خدا انهي کانپوءِ ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ