1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
اي خداوند تون سڀني پيڙهين ۾ اسان جي پناهہ گاهہ ٿيو آهين.
تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا، ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو هنيائون.
۽ آشر جي قبيلي مان، ميڪائيل جو پٽ ستور.
جيڪي ماڻهو انهي ملڪ جو ورثو اوهان کي ورهائي ڏيندا، تن جا نالا هي آهن: اليعزر ڪاهن، ۽ نون جو پٽ يشوع.
۽ اوهين ملڪ جو ورثو ورهائڻ لاءِ هرهڪ قبيلي مان هڪڙو سردار پاڻ سان کڻجو.
تڏهن اوهين سڀيئي مون وٽ اچي چوڻ لڳا، تہ اچو تہ پاڻ کان اڳ ۾ ڪي ماڻهو موڪليون، جي اسان جي لاءِ انهي ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ موٽي اچي اسان کي خبر ڏين تہ ڪهڙي رستي کان اسين اوڏانهن هلون، ۽ ڪهڙا ڪهڙا شهر اسان کي واٽ ۾ ايندا.
اها ڳالهہ مون کي ڏاڍي وڻي: ۽ مون اوهان مان ٻارهن ڄڻا چونڊيا؛ هرهڪ قبيلي مان هڪڙو ماڻهو:
۽ جڏهن خداوند اوهان کي قادس برنيع کان روانو ڪيو، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ملڪ تي قبضو ڪريو جو مون اوهان کي ڏنو آهي: تڏهن اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ اوهان هن تي ايمان نہ آندو، نڪي هن جو چوڻ ٻڌو.
جڏهن خداوند جي ٻانهي موسيٰ مون کي قادس برنيع مان انهيءَ ملڪ جي جاسوسي لاءِ موڪليو هو، تڏهن آءٌ چاليهن سالن جي عمر جو هوس؛ ۽ مون موٽي اچي هن کي اُها خبر ڏني جا منهنجي دل ۾ هئي.
پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.