9 ۽ خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي؛ ۽ هو هليو ويو.
9 خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هو اتان هليو ويو.
جڏهن خدا ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن وٽانئس مٿي چڙهي ويو.
پوءِ جڏهن خداوند ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن اتان روانو ٿيو ۽ ابرهام موٽي پنهنجيءَ جاءِ تي آيو.
آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.
پوءِ اُمت ڪُرڪڻ، ۽ خداوند جي ٻڌندي اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي: ۽ جڏهن خداوند اهي ٻڌيون، تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو، ۽ خداوند جي باهہ انهن ۾ ٻرڻ لڳي، ۽ منزلگاهہ جو ٻاهريون ڀاڱو ساڙي ڇڏيائين.
۽ موسيٰ ٻڌو تہ اُمت جي گهراڻن مان سڀڪو پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيٺو روئي: ۽ خداوند کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي؛ ۽ موسيٰ کي بہ اها ڳالهہ نہ وڻي.