Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 12:14 - Sindhi Bible

14 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ جيڪڏهن هن جو پيءُ رڳو هن جي منهن تي ٿُڪ اُڇلائي ها، تہ هيءَ ستن ڏينهن تائين شرمندي نہ رهي ها ڇا؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ منزلگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 خداوند موسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن هن جو پيءُ هن جي منهن تي رڳو ٿڪ ئي اڇلائي ها تہ ڇا هوءَ ستن ڏينهن تائين خوار نہ رهي ها؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 12:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند بادشاهہ کي ڌڪ هنيو، جنهنڪري هو مرڻ جي ڏينهن تائين ڪوڙهيو ٿي پيو، ۽ ڌار گهر ۾ رهندو آيو. ۽ بادشاهہ جو پٽ يوتام گهر جي ڪم ڪار تي هوندو هو، ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جو انصاف ڪندو هو.


هن مون کي ماڻهن جو هڪڙو پهاڪو ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ آءٌ اهڙو تہ ٿي پيو آهيان جو ماڻهو منهنجي منهن تي ٿُڪون ٿا هڻن.


هو مون کان نفرت ٿا ڪن، هو مون کان پري ڀڄيو ٿا بيهن، ۽ منهنجي منهن تي ٿُڪ هڻڻ کان نٿا رهن.


مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.


۽ جيڪڏهن هن جي بت جي کل تي اهو چمڪندڙ داغ اڇو هجي، پر اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:


۽ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو: تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي، پر ستين ڏينهن تائين هو پنهنجي تنبوءَ کان ٻاهر رهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


تڏهن هو مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ ٺونشا هڻڻ لڳا: ۽ ڪي چماٽون هڻي چوڻ لڳس تہ


تہ پوءِ سندس ڀاڄائي بزرگن جي روبرو هن وٽ اچي، ۽ هن جي پير مان پادر لاهي، ۽ هن جي منهن تي ٿُڪ هڻي ۽ چويس، تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گهر آباد نٿو ڪري تنهن سان هيئن ڪرڻ گهرجي.


تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ