Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 12:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ خداوند جي اڳيان پڪاري چيو تہ، اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 12:13
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابرهام خدا کان دعا گهري ۽ خدا ابي ملڪ کي، ۽ سندس زال کي، ۽ سندس ٻانهين کي، ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو، ۽ انهن ٻار ڄڻيا.


۽ بادشاهہ اُنهي خدا جي ٻانهي کي ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي خير جو سوال ڪر ۽ منهنجي لاءِ اُنهيءَ کان دعا گهر تہ مون کي پنهنجو هٿ وري ملي. تڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کي سوال ڪيو ۽ بادشاهہ کي پنهنجو هٿ موٽي مليو، ۽ جهڙو اڳي هو اهڙو ئي ٿي پيو.


اي خداوند منهنجا خدا، مون توکي پڪاريو، ۽ تو مون کي شفا ڏني آهي.


مون چيو تہ اي خداوند، مون تي رحم ڪر: منهنجيءَ جان کي شفا ڏي؛ ڇو جو مون تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.


پوءِ چيائينس تہ وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رک. (هن وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو پنهنجيءَ ڇاتيءَ تان ٻاهر ڪڍيائين تڏهن ڏسي تہ اهو بدلجي اهڙو ٿي پيو جهڙو سندس باقي بدن هو.)


انهي ڏينهن، جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي ڦٽ تي پٽي ٻڌندو، ۽ انهيءَ جي زخم جو ڌڪ ڇُٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائي جهڙي ٿيندي، ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي.


اي خداوند، مون کي شفا ڏي، تہ آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس؛ مون کي بچاءِ تہ آءٌ بچندس؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو فخر آهين.


تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون، ۽ موسيٰ خداوند کان دعا گهري، ۽ باهہ وسامي ويئي.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي انهي مردي جهڙي ٿيڻ نہ ڏي، جنهن جو بت سندس ماءُ جي پيٽ مان نڪرڻ وقت اڌ سڙيل ڳريل هجي.


۽ بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون تي ڪُرڪڻ لڳا، ۽ ساريءَ جماعت انهن کي چيو تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو، يا هن بيابان ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو!


پر ٻئي ڏينهن بني اسرائيل جي جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي تہ اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي.


پوءِ يسوع چيو، تہ اي بابا، هنن کي معاف ڪر، ڇالاءِ جو خبر ئي ڪانہ ٿي پوينِ تہ ڇا ٿا ڪريون. ۽ هو سندس ڪپڙا ورهائي پُکا وجهڻ لڳا.


جيڪي اوهان کي پِٽين، تن جو خير گهرو، ۽ جيڪي اوهان سان جُٺيون ڪن، تن لاءِ دعا گهرو.


۽ هن گوڏا کوڙي وڏي سڏ چيو، تہ اي خداوند، هي ڏوهہ هنن تي نہ وجهہ. ايترو چئي هو سمهي پيو.


بديءَ کان هارجي نہ وڃو، پر نيڪيءَ جي ذريعي بديءَ تي غالب پئو.


۽ جا دعا ايمان سان گهُربي، سا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند انهي کي اُٿاري کڙو ڪندو؛ ۽ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ انهن جي معافي ملنديس.


تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ