Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 12:11 - Sindhi Bible

11 تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ، اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان تي اهو گناهہ نہ رک؛ ڇالاءِ جو اسان بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، ۽ انهي ڪري اسين گنهگار آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”اي منهنجا سائين! مهرباني ڪري اسان کان انهيءَ گناهہ جي سزا نہ لوڙاءِ جيڪو اسان بيعقليءَ جي ڪري ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 12:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن تڏهن بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو ڌڻي مون تي ڪو قصور نہ رکي، ۽ نہ منهنجو ڌڻي اهو ڪم ياد رکي دل ۾ ڪري، جو تنهنجي ٻانهي ڏنگائي ڪري انهيءَ ڏينهن ڪيو هو، جنهن ڏينهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ نڪري يروشليم مان ويو هو.


ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود پشيمان ٿيڻ لڳو. ۽ دائود خداوند کي چيو تہ جيڪي مون ڪيو آهي تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.


۽ بادشاهہ اُنهي خدا جي ٻانهي کي ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي خير جو سوال ڪر ۽ منهنجي لاءِ اُنهيءَ کان دعا گهر تہ مون کي پنهنجو هٿ وري ملي. تڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کي سوال ڪيو ۽ بادشاهہ کي پنهنجو هٿ موٽي مليو، ۽ جهڙو اڳي هو اهڙو ئي ٿي پيو.


ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


پنهنجي چوڻ موجب پنهنجا ڍور ۽ ڌڻ بہ وٺي وڃو؛ ۽ منهنجي لاءِ بہ برڪت گهرجو.


جيڪڏهن تو پاڻ کي مٿي کڻڻ ۾ بي عقلي جهڙو ڪم ڪيو آهي، يا ڪنهن خرابيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رک.


۽ يرمياہ نبيءَ کي چوڻ لڳا تہ اسين توکي منٿ آزي ٿا ڪريون تہ تنهنجي خدمت ۾ جيڪو اسان جو عرض آهي سو قبول پوي ۽ تون اسان جي لاءِ، يعني هي ماڻهو جيڪي بچيا آهن تن سڀني جي لاءِ، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا آهيون، جيئن تون پنهنجن اکين سان اسان کي ڏسين ٿو:


تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون، ۽ موسيٰ خداوند کان دعا گهري، ۽ باهہ وسامي ويئي.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي انهي مردي جهڙي ٿيڻ نہ ڏي، جنهن جو بت سندس ماءُ جي پيٽ مان نڪرڻ وقت اڌ سڙيل ڳريل هجي.


تڏهن شمعون ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گهُرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڪيون آهن، تن مان ڪابہ مون تي نہ اچي.


ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


۽ سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ تون پنهنجن ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر، تہ اسين مري نہ وڃون؛ ڇالاءِ جو اسان پنهنجن اڳوڻن گناهن تي هيءَ خرابي بہ زيادہ ڪئي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهريو اٿئون.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ