9 رات جو جڏهن منزلگاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ من بہ ڪرندي هئي.
انهن کاڌو گهريو تہ ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين.
۽ موسيٰ ٻڌو تہ اُمت جي گهراڻن مان سڀڪو پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيٺو روئي: ۽ خداوند کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي؛ ۽ موسيٰ کي بہ اها ڳالهہ نہ وڻي.
ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها گڏ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا، يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا، ۽ ديڳڙن ۾ ٿورو ٻاڦي، پوءِ انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا؛ انهيءَ جو سواد تازي تيل جهڙو هو.
منهنجي تعليم مينهن وانگي وسندي، ۽ منهنجي تقرير ماڪ وانگي پوندي؛ جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي مينهن جي ڦڙڦڙ پوندي آهي، ۽ ٻوٽن تي وسڪار ٿيندي آهي: