7 اها من سڪل ڌاڻن جهڙي هئي، ۽ موتين وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آئي:
7 اها مَنَ ڌاڻن جي ٻج جهڙي هئي ۽ موتين وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
انهيءَ زمين جو سون چڱو آهي: ۽ اتي موتي ۽ عقيق بہ ٿئي ٿو.
۽ هن کين چيو تہ هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي، جا خداوند فرمائي هئي تہ سڀاڻي خاص آرام جو ڏينهن آهي، ۽ خداوند جو پاڪ سبت آهي؛ جيڪي پچائي سگهو سو پچايو، ۽ جيڪي رڌي سگهو سو رڌيو، ۽ جيڪي باقي بچي سو پنهنجي واسطي صبح تائين رکي ڇڏيو.
۽ بني اسرائيل انهيءَ مانيءَ جو نالو من رکيو. اها ڌاڻن جي ٻج جهڙي اڇي هئي، ۽ انهيءَ جو سواد ماکيءَ سان جوڙيل ٽڪين جهڙو هو.
ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها گڏ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا، يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا، ۽ ديڳڙن ۾ ٿورو ٻاڦي، پوءِ انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا؛ انهيءَ جو سواد تازي تيل جهڙو هو.
جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون لڪل من مان ڏيندس، ۽ هڪڙو اڇو پهڻ ڏيندوسانس، ۽ انهي پهڻ تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، ۽ جنهن کي اهو نالو ملندو تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ اهو نہ ڄاڻندو.