Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:31 - Sindhi Bible

31 ۽ خداوند هڪڙو طوفان موڪليو، جنهن سمنڊ واري پاسي کان ٻٽيرا گهلي آندا، ۽ منزلگاهہ تي، ۽ منزلگاهہ جي ٻنهي پاسي، هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تائين آڻي ڪيرايائين، ۽ اهي زمين کان مٿي ٻہ هٿ عمق ۾ ڍير ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 تڏهن خداوند هڪڙو طوفان موڪليو، جنهن سمنڊ واري پاسي کان ٻٽيرا گهلي آندا جيڪي زمين کان اٽڪل هڪ ميٽر تائين پئي اُڏاميا. اهي خيمي‌گاهہ ۾ ۽ خيمي‌گاهہ جي چوڌاري ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڦهليا پيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:31
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن کاڌو گهريو تہ ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين.


سو هن سندن عرض تہ اگهايو؛ پر سندن جان کي سڪائي ڇڏيائين.


هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي.


تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر جي ملڪ جي مٿان ڊگهيري، ۽ اهو سارو ڏينهن ۽ ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳو؛ ۽ جڏهن صبح ٿيو تڏهن انهيءَ اڀرندي جي واءُ ۾ مڪڙ آيا.


۽ خداوند الهندي جو واءُ آندو، جنهن مڪڙن کي ڌڪي کڻي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ ڪونہ رهيو.


تو پنهنجو واءُ لڳايو ۽ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو، هو زور واري پاڻيءَ ۾ شيهي وانگر ٻڏي ويا.


۽ هيئن ٿيو تہ شام جي وقت ٻٽيرا اُڏامندا آيا ۽ منزل گاهہ کي ڍڪي ڇڏيائون: ۽ صبح جو منزل گاهہ جي آس پاس ماڪ پيئي.


۽ موسيٰ ۽ بني اسرائيل جا بزرگ منزلگاهہ ۾ اچي گڏ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ