Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:25 - Sindhi Bible

25 پوءِ خداوند ڪڪر ۾ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين، ۽ انهي تي جيڪو روح هو، تنهن مان ڪجهہ انهن ستر بزرگن تي وڌائين؛ ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن تي روح آيو، تڏهن هو نبوت ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پوءِ خداوند ڪڪر ۾ هيٺ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين. موسيٰ ۾ جيڪو روح هو تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ستر اڳواڻن ۾ وڌائين. جڏهن انهن ۾ روح آيو تڏهن هو نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:25
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن نبين جا پٽ، جي هن جي سامهون يريحو ۾ هئا، تن هن کي ڏٺو، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ايلياہ جو روح اليشع تي اچي پيو آهي، ۽ هو سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ سندس اڳيان زمين تائين جهڪيا.


تو هنن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو چڱو روح بہ ڏنو، ۽ هنن جي وات کان من بہ بند ڪري نہ ڇڏيو، ۽ اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن کي پاڻي ڏنو.


هن ڪڪر جي ٿنڀ مان انهن سان ڳالهايو: ۽ جيڪي شاهديون ۽ قانون کين ڏنائين تن کي هنن مڃيو.


هاڻي جيڪڏهن تون هنن جو گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي، تنهن مان منهنجو نالو مٽائي ڇڏ.


۽ خداوند ڪڪر ۾ لهي آيو ۽ اچي اتي ساڻس گڏ بيٺو، ۽ خداوند جو نالو ظاهر ڪيائين.


ڇالاءِ تہ اسرائيل جي سڄي گهراڻي جي سامهون، سندن مسافري ۾، ڏينهن جو خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو، ۽ رات جو انهيءَ ۾ باهہ رهندي هئي.


پوءِ هن اڳين ڏينهن کي، ۽ موسيٰ ۽ پنهنجيءَ اُمت کي ياد ڪيو. هاڻي اهو ڪٿي آهي جنهن انهن کي سندس ڌڻ جي ڌنارن سان گڏ سمنڊ مان ڪڍي آندو؟ اهو ڪٿي آهي جنهن پنهنجو پاڪ روح انهن ۾ وڌو؟


۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.


۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين.


پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀ ۾ لٿو، ۽ تنبوءَ جي در تي اچي بيٺو، ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين: ۽ اهي ٻئي آيا.


تڏهن موسيٰ اتي داتن ۽ ابيرام وٽ ويو، ۽ اسرائيل جا بزرگ سندس پٺيان ويا.


۽ بلعام پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اسرائيلين کي پنهنجن قبيلن موجب رهندو ڏٺائين؛ اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ نون جي پٽ يشوع کي وٺي، انهي تي پنهنجو هٿ رک؛ ڇالاءِ جو هو روح سان ڀريل آهي؛


۽ منجهانئن هڪڙو اگبس نالي اُٿي بيٺو، ۽ روح جي وسيلي چيائين تہ ساريءَ دنيا تي ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي: جو ڪلوديس جي ڏينهن ۾ اچي پيو.


۽ نبين جا روح نبين جي تابع آهن.


سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.


ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو.


۽ جڏهن هو اُتي اُنهي ٽڪريءَ وٽ آيا، تڏهن ڏسو، بنيمين جي هڪڙي ٽولي هن کي گڏي؛ ۽ خدا جو روح ڏاڍي زور سان مٿس آيو، ۽ هو انهن سان گڏ نبوت ڪرڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ