Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:23 - Sindhi Bible

23 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي ڇا؟ هاڻي تون ڏسندين تہ منهنجو چوڻ تنهنجي نسبت ۾ پورو ٿئي ٿو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:23
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي لاءِ ڪابہ ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ وري هيءَ ساڳي مند ايندي، تڏهن ٺهرايل وقت تي آءٌ تو وٽ موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.


۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڇا، هي آءٌ هڪ سؤ ماڻهن جي اڳيان رکان ڇا؟ پر هن چيو تہ ماڻهن کي ڏي تہ کائين؛ ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هو اهو کائيندا ۽ بچائي بہ ڇڏيندا.


تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين.


پوءِ بہ انهن موٽي خدا کي آزمايو، ۽ اسرائيل جي قدوس کي ناراض ڪيائون.


تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو.


جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.


ڏسو، خداوند جو هٿ ننڍو نہ ٿيو آهي، جو هو بچائي نہ سگهي؛ نڪي هن جو ڪن گهٻرو ٿيو آهي، جو هو ٻڌي نہ سگهي:


تون ڇو انهي منجهيل ماڻهوءَ وانگي ٿيو آهين، ۽ انهيءَ بهادر وانگي جو بچائي نٿو سگهي؟ انهيءَ هوندي بہ اي خداوند، تون اسان جي وچ ۾ آهين، ۽ اسين تنهنجي نالي ٿا سڏجون؛ تون اسان کي ڇڏي نہ ڏي.


اي خداوند خدا، ڏس، تو پنهنجي وڏي قدرت سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان آسمان ۽ زمين ٻئي جوڙيا آهن؛ تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي:


ڏس، آءٌ خداوند، سڀني انسانن جو خدا آهيان: منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي ڇا؟


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.


مون خداوند فرمايو آهي: اهو ضرور ٿيندو، ۽ آءٌ ائين ڪندس؛ آءٌ پشيمان نہ ٿيندس؛ نڪي آءٌ گذر ڪندس، نڪي آءٌ ڦرندس؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تنهنجين راهن موافق هو تنهنجي عدالت ڪندا.


۽ جڏهن هو غار وٽ پهتو تڏهن داني ايل کي پڪاري، ڏک جهڙي آواز سان چيائينس، تہ اي داني ايل، جيئري خدا جا ٻانها، جنهن پنهنجي خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو توکي شينهن کان ڇڏائي سگهيو آهي يا نہ؟


اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟


هنن جي پورائيءَ لاءِ ڌڻ ۽ ڍور ذبح ڪيا ويندا ڇا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کين پوري پوي؟


خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟


۽ يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ماڻهن کان اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو.


ڇو جو خدا جو ڪوبہ ڪلام بي تاثير ڪين ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ