Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:22 - Sindhi Bible

22 هنن جي پورائيءَ لاءِ ڌڻ ۽ ڍور ذبح ڪيا ويندا ڇا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کين پوري پوي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ڇا هنن جي پورائي لاءِ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ذبح ڪيا ويندا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي سموري مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کائي هو ڍءُ ڪندا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين.


هو مون کي روئي روئي چون ٿا تہ اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون، پر آءٌ هيترن ماڻهن کي گوشت ڪٿان آڻي ڏيان؟


تڏهن موسيٰ چيو تہ هي ماڻهو جن ۾ آءٌ آهيان، سي ڇهہ لک پيادا آهن، ۽ تون چوين ٿو تہ آءٌ اُنهن کي ايترو گوشت ڏيندس، جو هو سڄو مهينو کائيندا.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي ڇا؟ هاڻي تون ڏسندين تہ منهنجو چوڻ تنهنجي نسبت ۾ پورو ٿئي ٿو يا نہ.


۽ شاگردن چيس تہ هتي سُڃ ۾ اسان وٽ ايتريون مانيون ڪٿان اينديون جو هيڏي وڏي ميڙاڪي جو پيٽ ڀرجي؟


پر هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين کائڻ لاءِ ڏيونِ. تڏهن هنن چيس تہ ڇا اسين ٻن سون دينارن جون مانيون خريد ڪري هنن کي کارايون؟


۽ سندس شاگردن ورندي ڏنس، تہ هتي سُڃ ۾ ايتري ماني ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟


تڏهن زڪرياہ ملائڪ کي چيو تہ مون کي انهيءَ جي ڪيئن خبر پوندي؟ ڇالاءِ جو آئون پيرسن آهيان، ۽ منهنجي زال بہ اچي وڏي ٿي آهي.


تڏهن مريم ملائڪ کي چيو، تہ اها ڳالهہ ڪيئن ٿيندي جو مون اڃا مرد جو منهن ئي ڪونہ ڏٺو آهي؟


هتي هڪڙو ڇوڪرو آهي، جنهن وٽ جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن، پر اهي ايترن ماڻهن ۾ ڇا ٿينديون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ