Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:20 - Sindhi Bible

20 پر سڄو مهينو کائيندا، جيسين ڪ اهو اوهانجين ناسن مان نڪري، ۽ اوهين انهي مان ڪڪ ٿي پئو؛ ڇالاءِ جو اوهان انهي خداوند جي حقارت ڪئي آهي، جو اوهان منجهہ آهي، ۽ انهي جي اڳيان روئي چيو اٿوَ تہ اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 بلڪ سڄو مهينو ملندن، جيستائين اهو سندن ناسن مان نڪري ۽ انهيءَ کان سندن دل ڪچي ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کي رد ڪيو آهي جو هنن منجھہ آهيان ۽ منهنجي اڳيان ميڪندي چيو اٿن تہ ’اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:20
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي تنهنجي گهراڻي مان ترار اصل نہ ٽرندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجي حقارت ڪئي آهي، ۽ اورياہ حتيءَ جي زال کي تو پنهنجي زال بڻايو آهي.


سو هن سندن عرض تہ اگهايو؛ پر سندن جان کي سڪائي ڇڏيائين.


۽ هيئن ٿيو تہ شام جي وقت ٻٽيرا اُڏامندا آيا ۽ منزل گاهہ کي ڍڪي ڇڏيائون: ۽ صبح جو منزل گاهہ جي آس پاس ماڪ پيئي.


۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو.


۽ موسيٰ چيو تہ هاڻي هيئن ٿيندو تہ خداوند شام جي وقت اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ صبح جو ڍؤ تي ماني ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو سي هو ٻڌي ٿو: ۽ اسين ڪير آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي برخلاف نہ پر خداوند جي برخلاف آهي.


ڍاول کي ماکيءَ جي ماناري کان بہ نفرت ٿي اچي، پر بکايل جان کي سڀڪا ڪَڙي شيءِ بہ مٺي ٿي لڳي.


لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟


هو مون کي روئي روئي چون ٿا تہ اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون، پر آءٌ هيترن ماڻهن کي گوشت ڪٿان آڻي ڏيان؟


۽ اوهين نہ رڳو هڪڙو ڏينهن، يا ٻہ ڏينهن، يا ڏهہ ڏينهن، يا ويهہ ڏينهن کائيندا،


تڏهن موسيٰ چيو تہ هي ماڻهو جن ۾ آءٌ آهيان، سي ڇهہ لک پيادا آهن، ۽ تون چوين ٿو تہ آءٌ اُنهن کي ايترو گوشت ڏيندس، جو هو سڄو مهينو کائيندا.


ڇالاءِ خداوند اسان کي هن ملڪ ۾ ترار سان مارجڻ لاءِ آندو آهي؟ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار پڪڙجي ويندا: اسان لاءِ ائين بهتر نہ آهي ڇا، تہ موٽي مصر ۾ هلون؟


۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ اچو تہ هڪڙي کي پنهنجو سردار بنائي موٽي مصر ۾ هلون.


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟


ڇو اوهان خداوند جي جماعت کي هن بيابان ۾ آندو آهي، تہ اسين ۽ اسان جو چوپايو مال سڀ هتي مرون؟


۽ ماڻهو خدا جي، ۽ موسيٰ جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي؟ هتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي آهي؛ ۽ اسان جي جيءَ کي هن هلڪيءَ مانيءَ کان نفرت ٿي اچي.


”اوهين جي حقارت ٿا ڪريو، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو؛ ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ جو آئون اوهان جي زماني ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻُڌائي تہ اوهين ڪڏهن بہ مٿس اعتبار ڪين آڻيندا.“


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، هي پٿر اسان تي هڪڙو شاهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن، سي هن ٻڌيون آهن: تنهنڪري هو اوهان تي شاهد ٿيندو، تہ متان اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿي وڃو.


پر اڄوڪي ڏينهن اوهان پنهنجي خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جو پاڻ اوهان کي اوهانجن سڀني آفتن ۽ مصيبتن مان بچائي ٿو؛ ۽ اوهان هن کي چيو آهي تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن فرقن موجب، ۽ پنهنجن هزارن موجب، خداوند جي اڳيان حاضر ٿيو.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ