Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:17 - Sindhi Bible

17 ۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس ۽ تو ۾ جيڪو روح آهي، تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ۾ وجھندس. پوءِ امت جو بار کڻڻ ۾ اهي تنهنجي مدد ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ تو اڪيلي کي اهو نہ کڻڻو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:17
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند اهو شهر ۽ ٺلهہ جو آدم جي اولاد جوڙيو هو، سو ڏسڻ لاءِ لهي آيو.


جڏهن خدا ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن وٽانئس مٿي چڙهي ويو.


تڏهن ابرام جهڪي سجدو ڪيو: ۽ خدا ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ


پوءِ جڏهن خداوند ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن اتان روانو ٿيو ۽ ابرهام موٽي پنهنجيءَ جاءِ تي آيو.


۽ جڏهن نبين جا پٽ، جي هن جي سامهون يريحو ۾ هئا، تن هن کي ڏٺو، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ايلياہ جو روح اليشع تي اچي پيو آهي، ۽ هو سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ سندس اڳيان زمين تائين جهڪيا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پار پهتا تڏهن ايلياہ اليشع کي چيو تہ آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تنهن کان اڳي گهُر تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان. ۽ اليشع چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجي روح جو ٻيڻو حصو مون تي پوي.


تو هنن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو چڱو روح بہ ڏنو، ۽ هنن جي وات کان من بہ بند ڪري نہ ڇڏيو، ۽ اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن کي پاڻي ڏنو.


ائين تہ تون ۽ هي ماڻهو، جيڪي تو سان آهن، سي سڀ ضرور ٿڪجي پوندا؛ ڇالاءِ جو هي ڪم تنهنجي لاءِ تمام ڳورو آهي، تون اڪيلو اهو ڪري ڪين سگهندين.


پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا رهن: ۽ هيئن ٿيڻ گهرجي تہ سڀ ڪو وڏو مقدمو هو تو وٽ آڻين، ۽ سڀ ڪو ننڍو مقدمو هو پاڻ هلائين: انهيءَ طرح تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي، ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.


۽ ٽئين ڏينهن جي لاءِ تيار رهن، ڇالاءِ جو ٽئين ڏينهن خداوند سڀني ماڻهن جي ڏسندي سينا جبل تي لهندو.


۽ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي نازل ٿيو؛ ۽ خداوند موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيو، ۽ موسيٰ مٿي چڙهي ويو.


۽ خداوند ڪڪر ۾ لهي آيو ۽ اچي اتي ساڻس گڏ بيٺو، ۽ خداوند جو نالو ظاهر ڪيائين.


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


پوءِ هن اڳين ڏينهن کي، ۽ موسيٰ ۽ پنهنجيءَ اُمت کي ياد ڪيو. هاڻي اهو ڪٿي آهي جنهن انهن کي سندس ڌڻ جي ڌنارن سان گڏ سمنڊ مان ڪڍي آندو؟ اهو ڪٿي آهي جنهن پنهنجو پاڪ روح انهن ۾ وڌو؟


۽ انهي کانپوءِ هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجو روح سڀني انسانن تي اوتي وجهندس؛ ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، اوهان جا ٻڍا ماڻهو خواب لهندا، ۽ اوهان جا جوان ماڻهو رويا ڏسندا.


پوءِ خداوند ڪڪر ۾ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين، ۽ انهي تي جيڪو روح هو، تنهن مان ڪجهہ انهن ستر بزرگن تي وڌائين؛ ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن تي روح آيو، تڏهن هو نبوت ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.


پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀ ۾ لٿو، ۽ تنبوءَ جي در تي اچي بيٺو، ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين: ۽ اهي ٻئي آيا.


آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ نون جي پٽ يشوع کي وٺي، انهي تي پنهنجو هٿ رک؛ ڇالاءِ جو هو روح سان ڀريل آهي؛


۽ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن شاهديءَ واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن تان ٻنهي ڪروبين جي وچ مان هن هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن ساڻس ڳالهايو.


ڪوبہ ماڻهو آسمان ۾ چڙهي ڪونہ ويو آهي، سواءِ انهي جي جو آسمان مان لهي آيو آهي، يعني ابن آدم، جو آسمان ۾ آهي.


پر هن اها ڳالهہ روح بابت ڪئي، جو انهن کي جن مٿس ايمان آندو، ملڻو هو: ڇالاءِ جو روح اڃا نہ مليو هو، انهي ڪري جو يسوع اڃا پنهنجي جلال کي ڪين رسيو هو.


مگر اوهين جسماني نہ، پر روحاني آهيو، بشرطيڪ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو ناهي.


۽ اسان کي دنيا جو روح نہ، پر اهو روح مليو جو خدا جي طرفان آهي، انهي لاءِ تہ اسين خدا جي نعمتن کي سمجهي سگهون.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


هي اُهي آهن جي جدائيون ٿا وجهن؛ نفساني ماڻهو، جن ۾ روح نہ آهي.


تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان تو تي نازل ٿيندو، ۽ تون بہ هنن سان گڏ نبوت ڪندين، ۽ بدلجي هڪڙو ٻيو ماڻهو ٿي پوندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ