Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”بني اسرائيل قوم مان اهڙا ستر ڄڻا چونڊي ڪڍ، جن کي تون معزز ۽ مکيہ اڳواڻ طور ڄاڻين ٿو. انهن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ وٺي اچ ۽ کين پاڻ سان گڏ بيهار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوسف جا ٻہ پٽ، جي مصر ۾ پيدا ٿيا هئا: يعقوب جي خاندان جا سڀيئي ماڻهو، جي مصر ۾ آيا، سي ستر ڄڻا هئا.


۽ موسيٰ ساري اسرائيل مان قابل ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪيائين، ڪي هزارن جا حاڪم ڪيائين، ڪي سوَن جا، ڪي پنجاهن جا، ۽ ڪي ڏهن جا.


پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو.


پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جا ستر بزرگ مٿي چڙهي ويا.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون وڃي بني اسرائيل جي بزرگن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو:


خداوند هيئن فرمايو تہ وڃي ڪنڀر جي جوڙيل هڪڙي مٽيءَ جي صراحي خريد ڪر، ۽ قوم جي بزرگن، ۽ ڪاهنن جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان وٺ؛


۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.


تڏهن موسيٰ ٻاهر نڪري ماڻهن کي خداوند جون ڳالهيون ٻڌايون، ۽ اُمت جي بزرگن مان ستر ڄڻا گڏ ڪري، انهن کي تنبوءَ جي چوڌاري بيهاريائين.


تڏهن موسيٰ اتي داتن ۽ ابيرام وٽ ويو، ۽ اسرائيل جا بزرگ سندس پٺيان ويا.


هاڻي انهي کانپوءِ خداوند ٻيا ستر ڄڻا مقرر ڪيا، ۽ اُنهن کي پاڻ کان اڳ ۾ سڀ ڪنهن شهر ۽ هنڌ، جتي پاڻ وڃڻو هو، اُتي ٻہ ٻہ ڪري موڪليائين.


پوءِ اُهي ستر ڄڻا خوش ٿي موٽي آيا، ۽ اچي چيائونس، تہ اي خداوند، تنهنجي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع آهن.


پوءِ مون اوهانجن قبيلن جا رئيس، جي ڏاها، ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان حاڪم مقرر ڪيو. هزارن جا حاڪم، سوَن جا حاڪم، پنجاهن جا حاڪم ۽ ڏهن جا حاڪم.


تون پنهنجن قبيلن جي سڀني ڳوٺن ۾، جيڪي خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، پنهنجي قبيلن موجب قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪج: تہ اهي سچائيءَ سان ماڻهن جي عدالت ڪن.


اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني بزرگن کي، ۽ پنهنجي عملدارن کي مون وٽ وٺي اچو، تہ آءٌ انهن جي ٻڌندي هي ڳالهيون چوان، ۽ آسمان ۽ زمين کي مٿن شاهد ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ