Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:15 - Sindhi Bible

15 جيڪڏهن تون مون سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، تہ پوءِ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جي مون تي تنهنجي رحم جي نظر آهي تہ مون کي ماري ڇڏ، تہ آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جيڪڏهن تو کي مون سان اهڙي ئي هلت ڪرڻي آهي تہ پوءِ مون تي رحم فرمائي مون کي هڪدم ماري ڇڏ، تہ جيئن آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.


جنهنڪري منهنجو روح گهٽجي مرڻ پسند ٿو ڪري، ۽ هنن منهنجن هڏن کان موت پسند ٿو ڪري.


هاڻي جيڪڏهن تون هنن جو گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي، تنهن مان منهنجو نالو مٽائي ڇڏ.


ڇا جي ڪري منهنجو درد مدامي آهي، ۽ منهنجو زخم ڇٽڻ جهڙو نہ آهي، ۽ علاج کان انڪار ٿو ڪري؟ تحقيق تون منهنجي لاءِ دغا ڏيندڙ نهر وانگي ٿيندين ڇا جنهن جي پاڻيءَ تي ڀروسو ڪونهي؟


ڇالاءِ آءٌ پيٽ مان نڪتس، تہ تڪليف ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن خواريءَ ۾ گذري وڃن؟


تنهنڪري اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کان منهنجي حياتي وٺ، ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.


خداوند تنهنجون سزائون کڻي ويو آهي، هن تنهنجي دشمن کي اُڇلائي ڇڏيو آهي: اسرائيل جو بادشاهہ، يعني خداوند، تنهنجي وچ ۾ آهي: هن کان پوءِ توکي خرابيءَ جو ڪوبہ ڊپ ڪونهي.


۽ صبر کي پنهنجو پورو ڪم ڪرڻ ڏيو تہ اوهين ڪامل ۽ سالم ٿيو، ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ پئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ