Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:12 - Sindhi Bible

12 هي سڀ ماڻهو منهنجي ئي پيٽ ۾ پيل هئا ڇا؟ جو تون مون کي چوين ٿو تہ جيئن ڪو پيءُ پنهنجي کير پياڪ ٻار کي کڻندو آهي، تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ڇا هي سڀ ماڻهو منهنجي پيٽ ۾ پيل هئا ۽ مون کين ڄڻيو آهي؟ تون مون کي ائين ڇو ٿو چوين تہ جيئن ڪا دائي کيرپياڪ ٻار کي کڻندي آهي تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو، سو سڀ آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيندس.


خداوند آسمان جو خدا، جنهن مون کي منهنجي پيءُ جي گهر مان ۽ منهنجي وطن مان ڪڍي آندو، ۽ مون سان ڪلام ڪيو، ۽ مون سان قسم کڻي مون کي چيو تہ آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس؛ سو ئي پنهنجي فرشتي کي تنهنجي اڳيان موڪليندو، تہ تون اُتان منهنجي پٽ جي لاءِ زال وٺي اچين.


تون هن ئي ملڪ ۾ رهي پئُہ، ۽ آءٌ توسان هوندس ۽ توکي برڪت ڏيندس: ڇالاءِ جو آءٌ هي سڀ ملڪ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابرهام سان کنيو آهي، سو پورو ڪندس.


نيٺ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي، انهيءَ ملڪ ۾ نيندو: جنهن جو هن ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


هاڻي اخي آب کي سامريہ ۾ ستر پٽ هئا. ۽ ياهو سامريہ ڏانهن خط لکي يزرعيل جي حاڪمن وٽ موڪليا، يعني اتي جي بزرگن ڏانهن، جن اخي آب جا پٽ پاليا هئا، ۽ اُنهن ۾ لکيائين تہ


۽ جيڪو گهر جي ڪم ڪار جي نظرداري ڪندڙ هو، ۽ جيڪو شهر جي سنڀال ڪندڙ هو، ۽ بزرگن، ۽ ٻارن جي پالڻ وارن بہ، ياهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ اسين تنهنجا نوڪر آهيون، جيئن تون چوندين تيئن ڪنداسين؛ اسين ٻئي ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ ڪنداسين: جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو تون ڪر.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند توکي ڪنعانين جي انهيءَ ملڪ مان آڻيندو، جنهن جو تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين، ۽ اهو ملڪ توکي ڏيندو،


۽ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻي، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو اوهان کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي ٿي وهي، تڏهن تون انهيءَ مهيني ۾ اها عبادت ياد رکج.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، سي هتان روانا ٿي انهي ملڪ ڏانهن وڃو، جنهن بابت مون ابرهام، اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو تہ اهو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون قسم کنيو آهي تہ اُهو ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيندس؛ ۽ اُهو اوهان کي ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.


زال پنهنجي کير پياڪ ٻار کي اهڙو وساري ڇڏيندي ڇا جو پنهنجي پيٽ جي پٽ تي بہ رحم نہ اچيس؟ هائو، اُهي وساري بہ ڇڏين، پر آءٌ توکي ڪين وساريندس.


۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.


۽ آءٌ هنن تي هڪڙو ڌنار مقرر ڪندس ۽ اُهو انهن کي چاريندو، يعني پنهنجو ٻانهو دائود؛ اُهو هنن کي چاريندو ۽ اُهو هنن جو ڌنار ٿيندو.


چڱو ريڍار آئون آهيان: چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏئي.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اوهان کي مسيح ۾ ڏهہ هزار اُستاد هجن تہ بہ اوهان جا گهڻا ابا ناهن. ڇالاءِ جو خوشخبريءَ جي وسيلي آئون ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ پيءُ ٿيس.


اي منهنجا ٻار، اوهان جي ڪري مون کي وري ڄڻڻ جا سور لڳا آهن، جيسين ڪ اوهان ۾ مسيح جي صورت پيدا ٿئي!


۽ بيابان ۾ بہ اوهان ڏٺو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي کڻي هلندو آهي، تيئن خداوند اوهان جو خدا، اوهان کي ساري رستي ۾ کڻي آيو، جيسين اوهين اچي هن هنڌ پهتا آهيو.


پر اسين اوهان منجهہ اهڙيءَ نرميءَ سان رهياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجن ٻارن کي پاليندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ