Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:10 - Sindhi Bible

10 ۽ موسيٰ ٻڌو تہ اُمت جي گهراڻن مان سڀڪو پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيٺو روئي: ۽ خداوند کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي؛ ۽ موسيٰ کي بہ اها ڳالهہ نہ وڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن موسيٰ هر هڪ گھراڻي جي سڀني ماڻهن کي پنهنجن تنبن جي درن تي روئندي ڏٺو، جنهن سبب خداوند بہ مٿن تمام گھڻو اچي ڪاوڙيو، تڏهن موسيٰ کي سندن اها ڳالهہ بري لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پنهنجي تنبن ۾ ويهي ڪرڪر ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو آواز نہ ٻڌائون.


اي خداوند جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن، تن سان آءٌ عداوت نٿو رکان ڇا؟ ۽ جيڪي تنهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن سان آءٌ ناراض نٿو ٿيان ڇا؟


تنهن ڪري خداوند اهو ٻڌي ڪاوڙيو: ۽ يعقوب جي برخلاف باهہ ٻري، ۽ اسرائيل جي برخلاف کيس غصو آيو؛


خدا اهو ٻڌي ڪاوڙيو، ۽ اسرائيل تي ڏاڍي نفرت آيس:


تنهن ڪري خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ڀڙڪي آهي، ۽ هن پنهنجو هٿ انهن تي کنيو آهي ۽ انهن کي ماريو اٿس، ۽ انهن جا مڙهہ گهٽين جي وچ ۾ ڪچري وانگر هئا، ۽ ٽڪر ڏڪي ويا، ڇالاءِ جو هن جي ڪاوڙ ڦري نہ ويئي آهي پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


پوءِ اُمت ڪُرڪڻ، ۽ خداوند جي ٻڌندي اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي: ۽ جڏهن خداوند اهي ٻڌيون، تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو، ۽ خداوند جي باهہ انهن ۾ ٻرڻ لڳي، ۽ منزلگاهہ جو ٻاهريون ڀاڱو ساڙي ڇڏيائين.


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي کي ڇو تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو تنهنجي رحم جي نظر مون تي ڪانہ ٿي، جو تو هنن سڀني ماڻهن جو بار مون تي رکيو آهي.


رات جو جڏهن منزلگاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ من بہ ڪرندي هئي.


هاڻي سڄي زمين تي جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کان موسيٰ تمام حليم هو.


۽ خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي؛ ۽ هو هليو ويو.


ان موجب هو قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن کان هٽي پري ٿيا، ۽ داتن ۽ ابيرام نڪري اچي پنهنجن تنبن جي در تي بيٺا، ۽ سندن زالون، ۽ سندن پٽ، ۽ سندن ننڍڙا ٻار بہ ساڻن گڏ هئا.


۽ ماڻهو خدا جي، ۽ موسيٰ جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي؟ هتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي آهي؛ ۽ اسان جي جيءَ کي هن هلڪيءَ مانيءَ کان نفرت ٿي اچي.


سو جڏهن يسوع اهو حال ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي هنن کي چيائين تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو؛ ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.


تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.


ڇالاءِ جو منهنجي غصي جي باهہ ڀڙڪو کاڌو آهي، جا اوڙاهہ جي تري تائين ٻرندي ويندي، ۽ زمين کي سندس پيداوار سميت ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن جي بنيادن کي بہ ساڙي ڇڏيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ