Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 10:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، اوهان تي ظلم ڪندڙ دشمن سان جنگ تي چڙهو، تڏهن اوهين قرنائين مان خوفائتو آواز ڪڍجو؛ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان ياد ڪيا ويندا، ۽ پنهنجن دشمنن کان بچايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرو جنهن اوهان کي ستايو هجي، تڏهن اوهين توتارن مان وڏي زور سان آواز ڪڍجو. پوءِ آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي نظر ڪندس ۽ اوهان کي اوهان جي دشمنن کان بچائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 10:9
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو.


۽ ڏسو، خدا اسان ساڻ آهي، ۽ اسان جو سردار آهي، ۽ هن جا ڪاهن اوهان جي برخلاف زور سان قرنائون وڄائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اي بني اسرائيليو، خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو؛ ڇالاءِ جو اوهين فتحياب نہ ٿيندا.


۽ جڏهن يهوداہ پٺتي نهاريو تڏهن ڏسو، هنن جي اڳيان توڙي پٺيان جنگ هئي: ۽ هنن خداوند کي دانهن ڪئي ۽ ڪاهنن قرنائون وڄايون.


اي خداوند تنهنجي مهرباني جيڪا تنهنجيءَ اُمت تي آهي تنهن جي ڪري مون کي بہ ياد ڪر؛ پنهنجي نجات مون کي عطا ڪر.


۽ انهن جي دشمنن کين ستايو، ۽ هو انهن جا تابعدار ٿيا.


جنهن اسان جي ڏک ۾ اسان جي سار لڌي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:


اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو.


وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.


ڪيستائين آءٌ اهو جهنڊو ڏسندس ۽ قرناءِ جو آواز ٻڌندس؟


اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون.


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ بني عمون جي ربہ تي جنگ جو هل اُٿاريندس، جو ماڻهو ٻڌندا؛ ۽ اهو هڪڙو ويران ڍير ٿي پوندو، ۽ ان جون ڌيئون باهہ سان ساڙيون وينديون: تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل انهن جو مالڪ ٿيندو جي ان جا مالڪ هئا.


اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.


۽ مون اوهان تي نگهبان بيهاريا، ۽ چيم تہ قرناءِ جو آواز ٻڌو: پر هنن چيو تہ اسين ڪين ٻڌنداسين.


هنن قرناءِ وڄائي آهي، ۽ سڀ ڪجهہ تيار ڪيو اٿن؛ پر ڪوبہ جنگ ڪرڻ ڪونہ ٿو وڃي: ڇالاءِ جو منهنجو غضب انهي جي ساري جماعت تي نازل ٿيو آهي.


اوهين جبعہ ۾ شرنائي وڄايو، ۽ رامہ ۾ قرناءِ: بيت اون ۾ خوف جو آواز ڪريو؛ اي بنيمين تنهنجي پٺيان!


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ پورو آرام ٿيندو، انهي ڏينهن يادگيريءَ جي لاءِ تريون وڄن، ۽ پاڪ جماعت گڏ ٿئي.


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


قلعي وارن شهرن ۽ مٿانهن ڪنگرن جي برخلاف قرنائيءَ ۽ جنگ جي خبر جو ڏينهن آهي.


۽ موسيٰ هرهڪ قبيلي منجهان هڪ هزار ماڻهن کي جنگ تي موڪليو، ۽ اليعزر ڪاهن جي پٽ فنيحاس کي بہ، عبادتگاهہ جا ٿانو ۽ وڏي آواز واريون تُريون ڏيئي، انهن سان گڏ جنگ تي روانو ڪيائون.


۽ جيڪڏهن تُريءَ جو آواز چٽو نہ هوندو، تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟


جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو گهٽي جي سڱ سان هڪڙو ڊگهو آواز ڪن، ۽ اوهين اُهو قرناءِ جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ڏاڍي زور سان رڙيون ڪن؛ ۽ شهر جي ڀت هيٺ ڪري پوندي، پوءِ سڀڪو ماڻهو پنهنجي سامهون سڌو چڙهندو وڃي.


صيدانين، ۽ عماليقين، ۽ ماعونين بہ اوهان تي ظلم ڪيا؛ ۽ اوهان مون وٽ دانهون ڪيون ۽ مون اوهان کي هنن جي هٿن مان ڇڏايو.


۽ بني عمون انهيءَ سال ۾ بني اسرائيل کي ستايو، ۽ مٿن ظلم ڪيائون: يردن جي هن ڀر، امورين جي زمين جا جلعاد ۾ آهي، تنهن ۾ جيڪي اسرائيلي رهندا هئا، تن تي هنن ارڙهن ورهيہ برابر ظلم ڪيو.


۽ جڏهن خداوند هنن جي لاءِ قاضي اُٿاريا، تڏهن خداوند قاضيءَ سان هوندو هو، ۽ قاضيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن مان بچائيندو رهندو هو: ڇالاءِ جو مٿن ظلم ڪندڙن، ۽ کين تڪليف ڏيندڙن جي ڪري هو دانهون ڪندا هئا، تنهنڪري خداوند کي مٿن قياس آيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن هن افرائيم جي ڪوهستان ۾ قرناءِ وڄائي، جنهن تي بني اسرائيل ڪوهستان مان لهي هيٺ آيا، ۽ هو سندن سردار ٿي هليو.


۽ خداوند جو روح جدعون تي نازل ٿيو؛ ۽ هن قرناءِ وڄائي؛ ۽ ابيعزر وارا ماڻهو سندس پٺيان اچي گڏ ٿيا؛


۽ مصرين جي هٿن مان، ۽ جيڪي اوهان تي ظلم ڪندا هئا، تن سڀني جي هٿن مان اوهان کي ڇڏايم، ۽ انهن کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍيم، ۽ انهن جي زمين اوهان کي ڏنم؛


۽ بني اسرائيل کي چيائين تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي مصرين جي هٿان، ۽ اُهي سڀ حڪومتون جي اوهان تي ظلم ڪنديون هيون، تن جي هٿان ڇڏايم؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ