Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 10:32 - Sindhi Bible

32 ۽ هيئن ٿيندو، هائو ائين ئي ٿيندو تہ جيڪڏهن تون اسان سان هلندين، تہ جيڪا ڀلائي خدا اسان سان ڪندو، اهڙي ساڳي اسين بہ تو سان ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 جيڪڏهن تون اسان سان هلندين تہ خداوند جي ڏنل برڪتن ۾ اسين تو کي پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 10:32
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پرديسي اوهان منجهہ اچي رهي، سو اوهان ۾ ملڪي ماڻهوءَ جهڙو آهي، ۽ تون انهي کي پاڻ جهڙو پيار ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


هو يتيمن ۽ بيوہ زالن جو انصاف ٿو ڪري، ۽ پرديسيءَ کي پيار ٿو ڪري، ۽ انهي کي کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي.


جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.


۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.


هاڻي حبر قيني پاڻ کي قينين کان ڌار ڪيو هو، يعني موسيٰ جي سالي حباب جي پٽن کان: ۽ ضعننيم، جو قادس جي پاسي ۾ آهي، تنهن ۾ وڃي، شاهہ بلوط وٽ پنهنجو تنبو هنيو هئائين.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ