Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 10:29 - Sindhi Bible

29 ۽ موسيٰ پنهنجي سهري رعوايل مديانيءَ جي پٽ حوباب کي چيو، تہ اسين انهي هنڌ ڏانهن ٿا وڃون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس، سو تون اسان سان هل، ۽ اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل سان ڀلائي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 10:29
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو، سو سڀ آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيندس.


انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس.


تو چيو تہ آءٌ ضرور توسان ڀلائي ڪندس، ۽ تنهنجو اولاد وڌائي سمنڊ جي واريءَ جيترو ڪندس، جنهن کي ڳڻي نٿو سگهجي.


اي زمين جي سڀ رهاڪو، خداوند جي حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريو.


آزمائي ڏسو تہ خداوند ڀلو آهي: مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جو ڀروسو مٿس آهي.


اچو تہ خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايون: ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي لاءِ خوشيءَ سان للڪاريون.


موسيٰ جي سهري يترو، جو مديان جو ڪاهن هو، تنهن جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ لاءِ، ۽ پنهنجي اُمت اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي، ۽ ڪيئن خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو:


پوءِ موسيٰ جي سهري يترو، خدا جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني ۽ ڪي ٻيون قربانيون آنديون، ۽ هارون ۽ اسرائيل جا سڀيئي بزرگ، خداوند جي حضور ۾، موسيٰ جي سهري سان گڏ ماني کائڻ آيا.


پوءِ موسيٰ پنهنجي سهري کي موڪل ڏني ۽ هو پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.


۽ جڏهن هو پنهنجي پيءُ رعوايل وٽ آيون، تڏهن هن پڇين تہ اڄ اوهين ايترو جلد ڪيئن آيون آهيو؟


پوءِ موسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ راضي ٿيو، ۽ هن پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي ڏني.


هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


۽ مون انهن سان پنهنجو عهد بہ ڪيو آهي، تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو مسافرن وانگي رهندا هئا، سو کين ڏيندس.


۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو.


هو پنهنجا منهن صيون ڏي ڪري انهي بابت پڇا ڪندا، ۽ چوندا تہ اوهين اچي خداوند سان گڏجو ۽ دائم قائم عهد اقرار ڪريو، جو ڪڏهن بہ وساريو نہ ويندو.


انهيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجن لشڪرن موجب ڪوچ ڪندا هئا، ۽ ان موجب هو روانا ٿيا.


خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟


۽ هن ملڪ ۾ ڪابہ ميراث ڪانہ ڏنائينس، نہ، بلڪ پير رکڻ جيتري جاءِ بہ ڪانہ ڏنائينس؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اولاد ڪونہ هو، تہ بہ اهو واعدو ڪيائينس تہ اِهو ملڪ توکي ۽ توکان پوءِ تنهنجي نسل کي ملڪيت ڪري ڏيندس.


۽ خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي تنهنجي ابن ڏاڏن جو قبضو هو؛ ۽ جنهن تي تنهنجو قبضو ٿيندو؛ ۽ هو توسان ڀلائي ڪندو، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ توکي گهڻو وڌائيندو.


۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


هميشہ جي زندگيءَ جي اُميد تي، جنهن جو واعدو خدا ازل کان ڪيو آهي، ۽ خدا ڪوڙ ڳالهائي نٿو سگهي،


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.


هاڻي حبر قيني پاڻ کي قينين کان ڌار ڪيو هو، يعني موسيٰ جي سالي حباب جي پٽن کان: ۽ ضعننيم، جو قادس جي پاسي ۾ آهي، تنهن ۾ وڃي، شاهہ بلوط وٽ پنهنجو تنبو هنيو هئائين.


۽ سائول قينين کي چيو تہ وڃو، روانا ٿيو، ۽ عماليقين منجهان نڪري هيٺ وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ هنن سان گڏ تباهہ ڪري ڇڏيان: ڇالاءِ جو اوهان بني اسرائيل کي سندن مصر مان نڪرڻ وقت مهرباني ڏيکاري. انهي طرح قيني عماليقين مان نڪري هليا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ