28 انهيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجن لشڪرن موجب ڪوچ ڪندا هئا، ۽ ان موجب هو روانا ٿيا.
28 جڏهن بہ بني اسرائيل منزل کڻي روانا ٿيندا هئا، تڏهن انهيءَ ئي ترتيب سان هلندا هئا.
اها ڪير آهي جا صبح جهڙي ٿي ڏسجي، چنڊ جهڙي سهڻي، سج جهڙي صفا، ۽ اهڙي هيبت واري جهڙو جهنڊن سان لشڪر؟
۽ بني نفتاليءَ جي قبيلي واري لشڪر جو سردار عينان جو پٽ اخيرع هو.
۽ موسيٰ پنهنجي سهري رعوايل مديانيءَ جي پٽ حوباب کي چيو، تہ اسين انهي هنڌ ڏانهن ٿا وڃون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس، سو تون اسان سان هل، ۽ اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل سان ڀلائي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.
سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.
ڇالاءِ تہ خدا گڙٻڙ جو نہ پر اطمينان جو خدا آهي. جيئن پاڪ ٿيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ آهي،
پر سڀ ڳالهيون فضيلت سان ۽ ترتيب وار ڪرڻ کپن.
ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آئون جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، تڏهن بہ روح جي ڪري اوهان وٽ آهيان، ۽ اوهان جو انتظام ۽ مسيح ۾ اوهان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.