Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 10:25 - Sindhi Bible

25 پوءِ دان جي منزلگاهہ، جا سڀني منزلگاهن جي پٺيان هئي، تنهن جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو، ۽ عميشديءَ جو پٽ اخيعزر پنهنجي انهي لشڪر جو سردار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 آخر ۾ دان جي منزل‌گاهہ جيڪا سڀني منزل‌گاهن جي پٺئين لشڪر جي حيثيت ۾ هئي، تنهن جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عميشديءَ جو پٽ احيعزر انهن جو سردار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 10:25
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڀڄي نڪرندا: ڇو تہ خداوند اوهان جي اڳيان هلندو؛ ۽ اسرائيل جو خدا اوهان جي پٺ سنڀاليندو.


تڏهن تنهنجو سوجهرو صبح وانگي ڦٽندو، ۽ تون جلد صحت حاصل ڪندين: ۽ تنهنجي راستبازي تنهنجي اڳيان هلندي؛ ۽ خداوند جو جلال تنهنجي پٺ جي سنڀال ڪندو.


دان جي قبيلي مان؛ عميشدي جو پٽ اخيعزر.


۽ بني بنيمين جي قبيلي جي لشڪر جو سردار جدعونيءَ جو پٽ ابدان هو.


۽ بني آشر جي قبيلي واري لشڪر جو سردار عڪران جو پٽ فجعي ايل هو؛


ڏهين ڏينهن عميشديءَ جي پٽ اخيعزر پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني دان جو سردار هو.


۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلندا هليا، ۽ قرنائيون وڄائيندا هليا: ۽ هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا؛ پر ٻيا جيڪي پوئتي هئا سي خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا، ۽ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا اڳتي هلندا هليا.


۽ قرنائيون وڄائيندڙ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا هليا، ۽ سندن اڳيان هٿياربند ماڻهو هئا، ۽ جيڪي پٺيان هئا سي صندوق جي پٺيان لڳا آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ