Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 10:12 - Sindhi Bible

12 ۽ بني اسرائيل سينا جي بيابان مان ڪوچ ڪري پنهنجي سفر تي نڪتا؛ ۽ ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن بني اسرائيل سينا جي بيابان مان منزل کڻي پنهنجي سفر تي نڪتا. اهو ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 10:12
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حورين کي سندن جبل شعير ۾ ماريندا ماريندا ايل فاران تائين آيا، جو رڻ پٽ جي ويجهو آهي.


۽ هو فاران جي رڻ پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال آندي.


۽ هو مديان مان نڪتا، ۽ فاران ۾ آيا: ۽ فاران مان ماڻهو وٺي مصر ۾، مصر جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا؛ جنهن هن کي هڪڙو گهر ڏنو ۽ کاڌو مقرر ڪري ڏنائينس، ۽ زمين بہ ڏنائينس.


پوءِ هو سڪات کان روانا ٿيا، ۽ بيابان جي حد وٽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون.


خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.


جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


پوءِ هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا، ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق ٽن ڏينهن جي پنڌ تائين، انهن جي واسطي آرام جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.


تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا، ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو هنيائون.


پوءِ هو فاران جي بيابان ۾ قادس منجهہ، موسيٰ ۽ هارون ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت وٽ آيا، ۽ اچي حال احوال ڏنائون، ۽ انهيءَ زمين جو ميوو ڏيکاريائون.


سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن کي فاران جي بيابان مان موڪليو: اهي سڀ بني اسرائيل جا سردار هئا.


سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.


جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي پهرين مهيني ۾ سينا جي بيابان ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ جڏهن ڪڪر تنبوءَ تان کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل انهي جي پٺيان ڪوچ ڪري هلندا هئا، ۽ جنهن جاءِ تي ڪڪر بيهندو هو، انهيءَ جاءِ تي بني اسرائيل منزل ڪندا هئا.


تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو فسح ملهائيو. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو.


هي اهي ڳالهيون آهن جي موسيٰ يردن جي هن ڀر بيابان ۾، يعني آرباہ جي ميدان ۾، سوف جي سامهون، فاران، ۽ طوفل، ۽ لابن، ۽ حصيرات، ۽ ديذهب جي وچ ۾، سڀني اسرائيلين کي چئي ٻڌايون.


پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب حورب کان روانا ٿياسين، ۽ انهي وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگهياسين، جو اوهان امورين جي ٽڪرائتي ملڪ ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو؛ ۽ پوءِ قادس برنيع ۾ آياسين.


هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.


هن چيو تہ، خداوند سينا مان آيو ۽ شعير مان انهن تي ظاهر ٿيو؛ هو فاران جبل مان چمڪيو ۽ لکن پاڪ ماڻهن منجهان آيو: هن جي ساڄي هٿ ۾ انهن جي لاءِ باهہ جهڙي شريعت هئي.


۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ