Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 10:10 - Sindhi Bible

10 ۽ اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، ۽ پنهنجين ٺهرايل عيدن تي، ۽ پنهنجن مهينن جي شروعات ۾، ۽ پنهنجين سوختني قربانين، ۽ سلامتيءَ جي قربانين تي قرنائيون وڄائجو؛ ۽ اهي اوهان جي خدا جي اڳيان اوهان لاءِ يادگار ٿينديون: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، پنهنجن مقرر ٿيل عيدن تي ۽ نئين چنڊ وارن ڏينهن تي، پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين تي توتارا وڄائجو. اهي مون خداوند جي حضور ۾ اوهان کي ياد رکڻ جو سبب بڻبا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 10:10
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ اڄ ڇو ٿي اُنهيءَ وٽ وڃڻ گهرين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي، نڪو سبت آهي. ۽ هن چيو تہ چڱائي ٿيندي.


۽ شبنياہ، ۽ يهوسفط، ۽ نتنئيل، ۽ عماسي، ۽ زڪرياہ، ۽ بناياہ، ۽ اليعزر، جي ڪاهن هئا، تن خداوند جي صندوق جي اڳيان تريون وڄايون: ۽ عوبيد ادوم، ۽ يحياہ، صندوق لاءِ دربان هئا.


انهيءَ طرح سڀني اسرائيلين نعرا هڻي ۽ زور سان ناد ۽ تريون، جهانجهہ، تنبورا ۽ بربط وڄائيندي، خدا جي عهدنامي جي صندوق آندي.


۽ انهن هيمان ۽ يدوتون وٽ تريون ۽ جهانجهہ هئا تہ اُهي زور سان وڄائين، ۽ سازن سان خدا جا گيت ڳائين: ۽ بني يدوتون دروازي وٽ رهن.


۽ لاوي دائود جي سازن سان، ۽ ڪاهن قرنائن سان اٿي بيهي رهيا.


۽ ساري جماعت سجدو ڪيو، ۽ ڳائڻ وارن ڳايو، ۽ قرنائن وارن وڄايو؛ اهو سڀ ڪم پئي هليو، جيسين ڪ سوختني قرباني پوري ٿي.


۽ ڪاهن پنهنجن عهدن موافق بيهي رهيا؛ لاوي بہ خداوند جي انهن وڄائڻ جي سازن سان بيهي رهيا، جي دائود بادشاهہ خداوند جي شڪر بجا آڻڻ لاءِ جوڙيا هئا، ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ دائود انهن جي وسيلي تعريف ادا ڪئي هئي: ۽ ڪاهنن انهن جي اڳيان قرنائون وڄايون، ۽ سڀ اسرائيل اُٿي بيهي رهيا.


۽ جڏهن رازن خداوند جي هيڪل جو بنياد وڌو، تڏهن هنن ڪاهنن کي سندن پوشاڪ ۾ قرنائن سان، ۽ آسف جي پٽن لاوين کي جهانجهن سان بيهاريو، تہ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي حڪم موجب، خداوند جي تعريف ڪن.


۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي قرنائين سان ويا: زڪرياہ بن يونتن، بن سمعياہ، بن متنياہ، بن ميڪاياہ، بن زڪور، بن آسف؛


تريءَ جي آواز سان سندس تعريف ڪريو: تنبوري ۽ بربط سان سندس تعريف ڪريو.


چنڊ ۽ چوڏس تي، يعني اسان جي پاڪ عيد جي ڏينهن تري وڄايو.


ڇالاءِ جو اهو اسرائيل جي لاءِ قانون آهي، ۽ يعقوب جي خدا جو حڪم آهي.


مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.


۽ هارون اسرائيل جي پٽن جا نالا پنهنجيءَ دل جي مٿان عدالت جي سينہ بند ۾ کڻي، انهي لاءِ تہ جڏهن هو پاڪ مڪان ۾ وڃي تڏهن هميشہ خداوند جي حضور ۾ اها يادگيريءَ جي هڪڙي نشاني هجي.


۽ تون بني اسرائيل کان ڪفاري جا پئسا وٺي، اهي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت لاءِ مقرر ڪج؛ انهي لاءِ تہ اوهانجن ساهن جي ڪفاري لاءِ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي واسطي يادگيريءَ جي نشاني هجي.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ پورو آرام ٿيندو، انهي ڏينهن يادگيريءَ جي لاءِ تريون وڄن، ۽ پاڪ جماعت گڏ ٿئي.


۽ جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، اوهان تي ظلم ڪندڙ دشمن سان جنگ تي چڙهو، تڏهن اوهين قرنائين مان خوفائتو آواز ڪڍجو؛ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان ياد ڪيا ويندا، ۽ پنهنجن دشمنن کان بچايا ويندا.


۽ اوهين پنهنجي هر ڪنهن مهيني جي شروعات ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني پيش ڪجو؛ يعني ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا؛


۽ ستين مهيني جي پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي لاءِ ترين وڄائڻ جو ڏينهن آهي.


اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس.


۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.


هڪڙي لحظي ۾، اک ڇنڀ ۾، پوئينءَ تريءَ جي وڄڻ تي: ڇالاءِ جو اُها تري وڄندي، ۽ جيڪي مري ويا آهن سي غير فاني حالت ۾ اُٿندا، ۽ اسين بدلجي وينداسين.


ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا:


تنهنڪري اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي تسلي ڏيو.


تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ يردن جو پاڻي خداوند جي عهدنامي جي صندوق اڳيان ڇڄي ڌار ٿيو؛ ۽ اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ واسطي هڪڙي يادگاريءَ جي نشاني ٿي قائم رهندا.


۽ ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻن، ۽ ستين ڏينهن اوهين شهر کي ست ڦيرا ڏجو، ۽ ڪاهن اُهي قرنائيون وڄائين.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


۽ دائود يونتن کي چيو تہ ڏس، سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ ضرور آهي تہ آءٌ بادشاهہ سان گڏجي ماني کاوان: پر مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين پاڻ کي جهنگ ۾ وڃي لڪايان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ