54 سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو: جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هنن ڪيو.
54 سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
۽ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.
انهيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سڀ ڪجهہ ڪيو.
۽ موسيٰ انهي سڀ ڪم تي نگاهہ ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هنن اهو برابر ڪيو آهي؛ جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي هنن ڪيو هو: تڏهن موسيٰ انهن کي برڪت ڏني.
سو موسيٰ ائين ڪيو، يعني جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي ڪيائين.
جڏهن هو جماعت واري تنبوءَ ۾، ۽ قربانگاهہ جي ويجهو آيا، تڏهن پنهنجا هٿ پير ڌوتائون؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن سينا جي بيابان ۾ اُنهن جو شمار ڪيو.
پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.
پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ
سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.
سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي صلافحاد جي ڌيئرن ڪيو:
سو موسيٰ، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت، لاوين سان انهيءَ طرح ڪيو؛ جيئن خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل انهن سان ڪيو.
پر جيستائين ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان بيٺو هوندو هو، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا، ۽ ڪوچ ڪين ڪندا هئا؛ پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا مهينو هجي يا سال هجي. وري جڏهن اهو کڄندو هو، تڏهن اهي ڪوچ ڪندا هئا.
تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو فسح ملهائيو. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو.
۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.
جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ تون نڪي انهيءَ ۾ ڪجهہ وڌائج، نڪي انهيءَ مان ڪجهہ گهٽائج.
۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي.