Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 1:51 - Sindhi Bible

51 ۽ جڏهن خيمو اڳتي هلڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي لاهين، ۽ جڏهن خيمو کوڙڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي کڙو ڪن: ۽ جيڪو ٻيو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو، سو ماريو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51 جڏهن مقدس خيمو اڳتي وڃڻو هجي تہ لاوي انهيءَ کي لاهين ۽ وري جڏهن کڙو ڪرڻو هجي تہ اهي ئي کڙو ڪن. جيڪو بہ ٻيو ماڻهو انهيءَ جي ويجھو ايندو، سو ماريو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 1:51
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي ڪاوڙ عزہ تي ڀڙڪي؛ ۽ خدا اتي ئي هن کي سندس قصور ڪري ماري وڌو، ۽ هو صندوق جي ڀرسان مري ويو.


پوءِ ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي ويهين تاريخ هيئن ٿيو، جو شاهديءَ واري خيمي تان ڪڪر کڄي مٿي ٿيو.


تہ بني اسرائيل جي يادگيريءَ لاءِ هڪڙو نشان ٿئي؛ انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو هارون جي نسل مان نہ هجي، سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي، تہ هن جو حال قورح ۽ سندس ٽوليءَ جهڙو نہ ٿئي؛ جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت هن کي فرمايو هو.


جيڪو ماڻهو خداوند جي خيمي جي ويجهو ٿو اچي، سو مري ٿو: اسين سڀ نابود ٿي وينداسين ڇا؟


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ پسند ڪندس تنهن جي لٺ ۾ مکڙيون ڦٽي نڪرنديون، ۽ تنهنجي برخلاف بني اسرائيل جي ڪرڪر آءٌ پاڻ تان لاهي ڇڏيندس.


۽ اڳتي بني اسرائيل جماعت واري تنبوءَ جي ويجهو نہ اچن، متان هو پاڻ تي گناهہ کڻن ۽ مري پون.


۽ اهي تنهنجي شين جي، ۽ ساري تنبوءَ جي حفاظت ڪن: رڳو پاڪ مڪان جي ٿانون ۽ قربانگاهہ جي ويجهو نہ اچن، متان اهي ۽ اوهين مري وڃو.


۽ اهي تو سان شامل ٿي، جماعت واري تنبوءَ جي حفاظت ڪن، ۽ انهي تنبوءَ جي سڀڪا خدمت ڪن، ۽ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو اوهان جي ويجهو نہ اچي.


پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جي ڪم ۾ مشغول رهن: ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي سو ماريو وڃي.


۽ خيمي جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، سج اُڀرڻ واري پاسي جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ انهي جا پٽ هجن؛ اهي بني اسرائيل جي لاءِ خيمي جي نگهباني ڪن؛ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي، سو ماريو وڃي.


۽ هن بيت شمس جي ماڻهن کي انهي ڪري ماريو جو هنن خداوند جي صندوق ۾ نهاريو، ۽ هن انهن ماڻهن مان پنجاهہ هزار ۽ ستر ماڻهو ماريا: ۽ خداوند هنن ماڻهن ۾ وڏو ڪوس وجهي انهن کي ماريو، تنهنڪري ماڻهن ۾ ماتم پئجي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ