جن ماڻهن جي عمر ويهہ سال ۽ انهي کان وڌيڪ هئي، ۽ شمار ٿيندڙن ۾ داخل ٿيا هئا، تن جو تعداد ڇهہ لک ٽي هزار ۽ ساڍا پنج سؤ هو: انهن مان هر ڪنهن ماڻهوءَ هڪ بقع، يعني عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏنو هو.
اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، ۽ جن جو سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي سڀ،
اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا، ۽ انهن سڀني جا، جن جو اوهان ۾ شمار ڪيو ويو آهي، يعني اوهان جي شمار موجب جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي آهي، جن منهنجي برخلاف ڪرڪر ڪئي آهي،
بني اسرائيل مان سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب جن جو شمار ڪيو ويو، سي اهي آهن، يعني منزلگاهن مان جن جو سندن لشڪرن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا؛