40 ۽ آشر جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
۽ يوسف جا ٻہ پٽ، جي مصر ۾ پيدا ٿيا هئا: يعقوب جي خاندان جا سڀيئي ماڻهو، جي مصر ۾ آيا، سي ستر ڄڻا هئا.
آشر مان سندس سڻڀي ماني پيدا ٿيندي، ۽ هو شاهي طعام موجود ڪري ڏيندو.
اهڙيءَ طرح دان جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻاهٺ هزار ۽ ست سؤ هئا.
اهڙيءَ طرح آشر جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ايڪيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.