36 ۽ بنيمين جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
۽ اسان پنهنجي مالڪ کي چيو تہ اسان کي پيءُ آهي، جو پير مرد آهي ۽ کيس پيريءَ ۾ هڪڙو پٽ بہ آهي، جو اڃا ننڍو آهي؛ ۽ انهي جو ڀاءُ مري ويو آهي، ۽ ماءُ کي اهو هڪڙو وڃي رهيو آهي، ۽ پڻس جو مٿس ڏاڍو پيار آهي.
۽ بنيمين جا پٽ؛ بلحہ، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روس، مفيم، حفيم ۽ آرد هئا.
بنيمين هڪڙو بگهڙ آهي، جو ڦاڙيندو وتي: هو صبح جو شڪار کائيندو، ۽ سانجهيءَ جو لٽ جو مال ورهائيندو.
۽ بنيمين مان؛ اليدع، جو هڪڙو همت وارو بهادر مرد هو، ۽ انهيءَ سان ٻہ لک ڪمانن ۽ سپرن وارا ماڻهو هئا:
اهڙيءَ طرح منسيءَ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.
اهڙيءَ طرح بنيمين جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
زبولون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: يوسف جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: بنيمين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مهر لڳي.
۽ انهيءَ ڏينهن بني بنيمين شهرن منجهان ڇويهہ هزار ماڻهو گڏ ڪيا، جن ترار ٿي کنئي، ۽ انهن کان سواءِ جبعہ جا رهاڪو هئا، جي شمار ۾ ست سؤ چونڊيل ماڻهو هئا.