۽ يوسف جي پٽن، افرائيم جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
۽ منسي جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.