Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 1:32 - Sindhi Bible

32 ۽ يوسف جي پٽن، افرائيم جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 1:32
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري انهيءَ جو نالو يوسف رکيائين، ۽ چيائين تہ خدا مون کي ٻيو بہ پٽ ڏئي.


۽ مصر جي ملڪ ۾ يوسف مان منسي ۽ افرائيم پيدا ٿيا، جي اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان پيدا ٿيا.


۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪندس، جيئن مون اوهان جن سڀني ڀائرن کي، يعني افرائيم جي سڄي نسل کي اُڇلائي ڇڏيو آهي.


۽ ڏکڻ وارا عيسو جو جبل هٿ ڪندا؛ ۽ هيٺانهين ملڪ وارا فلستين هٿ ڪندا: ۽ هو افرائيم جي ٻني ۽ سامريہ جي ٻني هٿ ڪندا: ۽ بنيمين جلعاد جو مالڪ ٿيندو.


اهڙيءَ طرح زبولون جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.


اهڙيءَ طرح افرائيم جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.


يوسف جي بابت هن چيو، تہ شل هن جي زمين تي خداوند جي برڪت هجي؛ آسمان جي قيمتي شين جي، ماڪ جي، اونهي سمنڊ جي؛


هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ