30 ۽ زبولون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
تڏهن لياہ چيو تہ خدا مون کي چڱو ڏاج ڏنو آهي؛ هاڻي منهنجو مڙس مون سان گڏجي رهندو؛ ڇالاءِ جو مون کي منجهانئس ڇهہ پٽ ڄاوا آهن؛ تنهنڪري انهيءَ جو نالو زبولون رکيائين.
۽ زبولون جا پٽ؛ سرد، ايلون ۽ يحلل ايل.
زبولون سمنڊ جي ڪناري تي رهندو، هو جهازن جي بندرگاهہ ٿيندو؛ ۽ سندس سرحد صيدا تائين وڃي پهچندي.
اهڙيءَ طرح اشڪار جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
اهڙيءَ طرح زبولون جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.