26 ۽ يهوداهہ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ هن ڀيري آءٌ خداوند جي تعريف ڪنديس، تنهنڪري انهيءَ جو نالو يهوداہ رکيائين. پوءِ هن جو ويامڻ بند ٿيو.
۽ يهوداہ جا پٽ؛ عير، اُونان، سيلہ، فارص ۽ زارح: (انهن مان عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا.) ۽ فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول.
۽ يوآب ماڻهن جي شمار جو ڪل جوڙ بادشاهہ کي ڏنو: ۽ اسرائيل ۾ اٺ لک بهادر ترار مار موجود هئا؛ ۽ يهوداہ جا ماڻهو پنج لک ٿيا.
ڇالاءِ جو يهوداہ پنهنجن ڀائرن کان زور وٺي ويو، ۽ انهيءَ مان سردار ٿيو؛ پر ڄائي ڄم جو حق يوسف جو هو:)
پر يهوداہ جي قبيلي کي چونڊي، صيون جبل کي پسند ڪيائين.
اهڙيءَ طرح جد جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار، ڇهہ سؤ ۽ پنجاهہ هئا.
اهڙيءَ طرح يهوداهہ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهتر هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.
ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو؛ ۽ يعقوب مان يهوداهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.