22 ۽ شمعون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
۽ هوءَ وري حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ خداوند ٻڌو آهي تہ منهنجي حقارت ٿي ٿئي، تنهنڪري مون کي هي بہ پٽ ڏنو اٿس، سو انهي جو نالو شمعون رکيائين.
تڏهن هو پاڻ هنن کان پرڀرو وڃي روئڻ لڳو. پوءِ وري وٽن اچي، ساڻن گفتگو ڪيائين ۽ منجهانئن شمعون کي وٺي، سندن اڳيان بند ڪيائين.
۽ شمعون جا پٽ؛ يموايل، يمين، اُهد، يڪين، صحر، ۽ سائول، جو هڪڙيءَ ڪنعاني زال مان پيدا ٿيو هو.
خداوند منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي، هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ۽ منهنجن آڱرين کي وڙهڻ ٿو سيکاري.
اهڙي طرح روبن جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي ڇائيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
اهڙيءَ طرح شمعون جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي اوڻهٺ هزار ۽ ٽي سؤ هئا.
شمعون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: ليويءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: اشڪار جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: