17 سو اهي ماڻهو جن جا نالا ڏنل آهن، تن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو:
17 سو انهن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو.
اِهي آهن ماڻهو جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ اُهي ئي اسرائيل ۾ هزارن جا رئيس هئا.
۽ انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ ساري جماعت گڏ ڪئي، ۽ انهن جي نالن جي شمار موجب، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، تن پنهنجن خاندانن، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، پنهنجا نسب ناما بيان ڪيا.
اُنهي لاءِ دربان دروازو کولي ٿو؛ ۽ رڍون هن جي تنوار ٻُڌن ٿيون: ۽ هو نالو وٺي پنهنجين رڍن کي سڏي ٻاهر ٿو آڻي.