Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 1:16 - Sindhi Bible

16 اِهي آهن ماڻهو جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ اُهي ئي اسرائيل ۾ هزارن جا رئيس هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اهي ئي ماڻهو هئا جن کي بني اسرائيل قوم مان مقرر ڪيو ويو، جيڪي پنهنجن پنهنجن اباڻن گھرن جا وڏا ۽ بني اسرائيل جي نسلن جا رئيس هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 1:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ، جن کي خدا جو خوف هجي، ۽ جي سچار هجن، ۽ کين ناحق جي نفعي کان نفرت هجي؛ اهڙن ماڻهن کي هنن جي مٿان، ڪي هزارن جا حاڪم، ڪي سوَن جا حاڪم، ڪي پنجاهن جا حاڪم، ۽ ڪي ڏهن جا حاڪم مقرر ڪر.


۽ موسيٰ ساري اسرائيل مان قابل ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪيائين، ڪي هزارن جا حاڪم ڪيائين، ڪي سوَن جا، ڪي پنجاهن جا، ۽ ڪي ڏهن جا.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


نفتاليءَ جي قبيلي مان؛ عينان جو پٽ اخيرع.


سو اهي ماڻهو جن جا نالا ڏنل آهن، تن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو:


هرهڪ قبيلي جو هڪڙو هڪڙو ماڻهو؛ جو پنهنجي اباڻي گهراڻي جو سردار هجي، سو اوهان سان گڏ رهي.


پر جي فقط هڪڙي قرنائي وڄائڻ ۾ اچي، تہ اهي سردار جيڪي هزار هزار اسرائيلين جا حاڪم آهن، سي اچي گڏ ٿين.


۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين.


۽ اهي بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جي جماعت مان چونڊيل سردار ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي ساڻ ڪري، موسيٰ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اُٿيا.


۽ الياب جا پٽ؛ نموئيل، ۽ داتن، ۽ ابيرام هئا. هي اهي داتن ۽ ابيرام آهن، جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جڏهن قورح جي ٽوليءَ خداوند سان جهيڙو ڪيو، تڏهن هي بہ انهيءَ ٽوليءَ سان گڏجي، موسيٰ ۽ هارون سان وڙهيا هئا:


۽ موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن سان گفتگو ڪري، کين چيو تہ هيءَ اها ڳالهہ آهي، جنهن جو خداوند حڪم ڏنو آهي.


تنهن ڏينهن اسرائيل جا سردار جي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ قبيلن جا سردار هئا، ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان ٺهرايل هئا، تن قربانيون آنديون.


پوءِ مون اوهانجن قبيلن جا رئيس، جي ڏاها، ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان حاڪم مقرر ڪيو. هزارن جا حاڪم، سوَن جا حاڪم، پنجاهن جا حاڪم ۽ ڏهن جا حاڪم.


۽ هن انهيءَ کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ اسرائيل کي ڪهڙيءَ طرح ڇڏايان؟ ڏس، منسي ۾ منهنجو قبيلو سڀني کان غريب آهي، ۽ آءٌ پنهنجي اباڻي گهراڻي ۾ سڀني کان ننڍو آهيان.


۽ سائول اُنهن پنهنجي نوڪرن کي چيو، تہ اي بنيمينيو، هاڻي ٻڌو، يسيءَ جو پٽ اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ ڊاک جا باغ ڏيندو ڇا، يا هو اوهان سڀني کي هزارن جا سردار، ۽ سوَن جا سردار ڪندو ڇا؟


تنهنڪري ڏسو ۽ هن جي لڪڻ جون سڀ جايون معلوم ڪريو، ۽ وري اچي مون کي پڪ ڏيو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس: ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هو انهي ملڪ ۾ هوندو، تہ يهوداہ جي سڀني هزارن مان بہ آءٌ هن کي ڳولي ڪڍندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ